ٻه ڏينهن لاٿ کانپوءِ سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٻه ڏينهن لاٿ کانپوءِ اڄ سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 22 ڊالر واڌ سان 2763 ڊالر جي سطح تي اچي وئي.
پاڪستان ۾ في تولي سون جي قيمت 2300 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 88 هزار 700 رپيا ۽ 10 گرام سون جي قيمت 1972 رپيا واڌ سان 2 لک 47 هزار 513 رپين جي سطح تي اچي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.