حيدرآباد(رپورٽر) قومپرستن ۽ ترقي پسندن، سائين جي ايم سيد کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سيڙپڪاري جي بهاني سان سنڌ جي زمينن، وسيلن ۽ درياهه تي قبضو ڪيو پيو وڃي. سنڌ جا جاگيردار ۽ وڏيرا اسيٽيبلشمينٽ جا ساٿاري ۽ سنڌ جي حقن تي لڳندڙ ڌاڙي ۾ سهولتڪار آهن، سنڌ بدامني، بيروزگاري، بک ۽ بدحالي جي ورچڙهيل آهي، بيگناهه ماڻهو قتل ٿين ٿا ۽ لاش روڊن تي رکيل آهن، پر وڏيرن خلاف ايف آءِ آر به داخل نٿي ٿئي. سنڌ ۾ وڏيرن کي اسٽيبلشمينٽ ۽ پيپلزپارٽي جي سرڪار مضبوط ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ جيئي سنڌ محاذ ضلعي حيدرآباد پاران جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي 122 هين سالگرهه جي حوالي سان منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ قومپرست ۽ ترقي پسند اڳواڻن، اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو چيو ته سائين جي ايم سيد جو فڪر وڏيرن، جاگيردارن ۽ مذهبي انتهاپسندي خلاف آهي ۽ سنڌ اڄ به انهن ئي ڌرين خلاف مزاحمت ڪري رهي آهي. مذهبي انتهاپسند ڌريون، اسٽيبلشمينٽ، وڏيرا، جاگيردار، قوم کي گمراهه ڪندڙ گروهه ۽ اقتداري ڌريون سائين جي ايم سيد جي مخالفت ۾ هڪ ئي پيج تي نظر اينديون آهن. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي منجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، سنڌ اڃا پاڻيءَ جي لاءِ احتجاج ڪري رهي هئي ته عمرڪوٽ ۾ بيگناهه ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي بيدردي سان قتل ڪري سندس لاش جي تذليل ڪئي وئي، سنڌ ۾ انتهاپسندي کي هٿي ڏياريندڙ اسٽيبلشمينٽ ۽ پيپلزپارٽي آهي. هن چيو ته سنڌو درياهه مٿان غير قانوني طور تي 6 نوان ڪئنال ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري سنڌ جي وجود تي وار ڪيو پيو وڃي، هو سنڌ کي مڪمل طور تي برباد ڪري سنڌ جا وسيلا، تيل ۽ گئس پاڻ وٽ مستقل بنيادن تي قبضي هيٺ آڻڻ چاهين ٿا. سنڌو درياهه نه رهيو ته هزارين سالن جي تهذيب رکندڙ سنڌ پنهنجو وجود قائم رکي نه سگهندي. هن چيو ته سائين جي ايم سيد رياستي بيانيي کي شڪست ڏني، جي ايم سيد مذهبي انتهاپسندي خلاف چٽي نموني ڳالهائي دنيا کي خبردار ڪيو هو ته توهان هنن کي طاقتور نه ڪيو هي توهان جي ڳچيءَ ۾ پوندا.. پورهيت مزاحمت جي صدر مسرور شاهه چيو ته سائين جي ايم سيد سنڌي قوم جو جديد تصور ڏنو، هن سنڌي قوم جي هزارين سالن جي تهذيب ۽ وطني تشخص کي ٻيهر نئين انداز پيش ڪيو ۽ واضع ڪري ڇڏيو ته سنڌ وطن آهي، سنڌي قوم آهن ۽ آزاد ۽ خودمختيار ٿي رهڻ انهن جو حق آهي، سائين جي ايم سيد فڪري طور رياستي بيانيي کي شڪست ڏئي چڪو آهي. هن چيو ته رياست جا ظلم، جبر ۽ قبضاگيري جا مختلف طريقا آهن،. نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري چيو ته سائين جي ايم سيد جو قومي حقن کان ويندي هارين ۽ پورهيتن جي حقن جي نه صرف ڳالهه ڪئي، پر ان جي لاءِ عملي ڪم به ڪيو، اهو ئي سبب آهي ته 1930ع ۾ سائين جي ايم سيد هاري ڪانفرنس ڪوٺائي سنڌ جي هارين ۽ مزدورن جي هڪ سگهاري تنظيم سنڌ هاري ڪميٽي جا بنياد وجهرايا. هن چيو ته اڄ سنڌ جي هارين ۽ مزدورن کان زمينون کسي خانگي ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏنيون پيون وڃن، سنڌو درياهه جي اڳيان بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ سجاڳي فورم جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ محب آزاد چيو ته سائين جي ايم سيد جديد قومپرستي جو فڪر ڏيندڙ ۽ مزاحمتن جا رستا ڏسيندڙ عظيم رهنماءَ آهي. شاگرد اڳواڻ آصف جروار چيو ته سائين جي ايم سنڌ پنجاب جي جبر ۽ ظلم کي گهڻو اڳ ئي وائکو ڪري ڇڏيو هو، هاڻ سنڌ جي ماڻهن کي اها چڱيءَ ريت ڄاڻ آهي ته غلامي ئي سنڌ جي سورن جو سبب آهي. جيئي سنڌ محاذ جي جي سيڪريٽري هاشم کوسو چيو ته سائين جي ايم جي فڪر هيٺ عملي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي اڳواڻ ڪامريڊ اقبال چيو ته سائين جي ايم سيد فڪري سگهه سان عملي طور تي فاشسٽ قوتن کي شڪست ڏئي اهو واضع ڪري چڪو آهي ته توهان جون اٽڪلون ۽ سازشون گهڻو وقت نٿيون هلي سگهن، مظلوم قومن ۽ طبقن کي خوشحال ۽ باوقار انداز ۾ جيئڻ جو مڪمل حق آهي. هن چيو ته گرين پاڪستان انيشيٽو جي نالي ۾ زمين تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن، پنجاب جي بالادستي قبول ناهي، سنڌ جا وڏيرا ۽ جاگيردار اشرافيا ۽ اسٽيبلشمينٽ سهولتڪار آهن. ان موقعي تي امير چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ قرارادادون پاس ڪندي چيو ويو ته سنڌو درياهه تي ڪنهن به نئين ڪئنال ۽ ڊيم کي قبول نه ڪيو ويندو، سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ 1945ع واري معاهدي تحت ڪئي وڃي، سنڌ جي قدرتي وسيلن ۽ آمدني جي تي سنڌين جو مڪمل اختيار تسليم ڪيو وڃي، سنڌ ۾ ڌارين جي ڇڙواڳ ۽ اڻکٽ آبادڪاري بند ڪئي وڃي، افغانين سميت سمورن ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي، جڏهن ته پاڪستان جي ٻين صوبن کان روزگار جي لاءِ ايندڙ ماڻهن کي 30 سالن تائين ملڪيت خريد ڪررڻ ۽ ووٽ جو حق نه ڏنو وڃي. مذهب کي رياست کان الڳ ڪيو وڃي. سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضا ڪرڻ بند ڪري مقامي ماڻهن کي بيدخل ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي.