ڀائو ذلف صحافت جي نرسري قرار، هو نظريي ۽ اصولن تي اٽل رهيو\صحافي ليکڪ

ڪراچي ( رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) ڪراچي ( ذوالفقار راڄپر ). صحافين طرفان روزاني عوامي آواز جي ڊپٽي ايڊيٽر امام بخش عرف ڀائو ذلف پيرزادو کي سنڌي صحافت جو ترقي پسند، محنتي، جاکوڙي صحافي ۽ خبرن جي سرخين ٺاهڻ جو ماهر، سٺو شاعر ۽ عوامي ڪالم نويس قرار ڏيندي روزاني عوامي آواز طرفان هر سال اخبار جي بهترين رپورٽر، ڪالم نويس ۽ صحافت جي دنيا جي ٻين منفرد صحافين کي ” ذلف پيرزادو” ايوارڊ ڏيڻ ۽  ذلف پيرزادو جي لکيل ڪتابن کي شايع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.  اها ڳالهه شام جو روزاني عوامي آواز سٿ طرفان سي پي اين اي هال ۾ اداري جي ڊپٽي ايڊيٽر ذلف پيرزادو جي پهرين ورسي ملهائڻ جي موقعي تي ڪئي وئي. ورسي تقريب جي صدارت روزاني عوامي آواز جي مئنيجنگ ايڊيٽر حميده گھانگھرو ڪئي. تقريب ۾ ڳالهائيندي ميڊم حميده گهانگهرو چيو ته ذلف پيرزادو صحافت ۽ روزاني عوامي آواز کي جيڪي محنت ۽ جاکوڙ وارا لمحا ڏنا آهن، انهن کي وساري نه ٿو سگهجي ۽ هو هميشه زنده رهندو، هي ذلف پيرزادو جي ياد ۾ نه رڳو تعزيتي ريفرنس پر سندس يادن کي سهيڙڻ لاءِ سندس ساٿين، شاگردن ۽ محبت رکندڙن جو ميڙ آهي. هن چيو ته ذلف پيرزادو پنهنجي ڪم ۾ پيشي سان محبت ڪندڙ انتهائي کرو، سچو ۽ بردبار صحافي هو، هن پنهنجا صحافتي فرض توڙي دوستاڻا ۽ گهرڀاتين سان رشتا ۽ ذميواريون ڀرپور نموني پرجوشي سان پوريون ڪيون، روزاني عوامي آواز جي سرواڻ کاٻي ڌر جي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته ذلف پيرزادو جو روزاني عوامي آواز کي ڏنل رت ۽ پگهر  اداري لاءِ اعزاز آهي، ان ڪري روزاني عوامي آواز طرفان ذلف پيرزادو کي زنده رکڻ لاءِ هر سال اداري طرفان روزاني عوامي آواز ۽ ٻين اخبارن جي بهترين صحافين ۽ ڪالم نويسن کي ” ذلف پيرزادو” ايوارڊ ڏنا ويندا ۽ اداري طرفان ذلف پيرزادو جي ڪتابن کي شايع ڪيو ويندو، هن چيو ته ذلف پيرزادو سان اخبار جي زماني کان اول کاٻي ڌر جي سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ جيڪا ملاقات ٿي اها ترقي پسند صحافت جي ساٿ ۾ هن جي آخرين گھڙين تائين قائم رهي ۽ روزاني عوامي آواز کي ترقي پسند، سنڌ دوست اخبار جي ڪري جنرل مشرف کان وٺي هر آمر ڌمڪيون ڏنيون آهن پر اسان آزاد صحافت ۽ سنڌ جي غريبن ۽ قومي حقن تان هٿ نه کنيو آهي. اسان ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ اشتهار نه ڇاپيو، جنهن ۾ ذلف پيرزادو جهڙن ساٿين جو ساٿ به رهيو آهي، ذلف پيرزادو زرد صحافت کي پنهنجي اداري ۾ اچڻ نه ڏنو ۽ اسان هن جي صحافتي آدرشن کي اڳتي وڌائيندا رهنداسين، هن چيو ته ذلف پيرزادو جا شاگرد ۽ سندس ساٿي عوامي آواز جي پليٽ فارم تان ئي سندس مشن کي جاري رکندا.روزاني عوامي آواز جي ايڊيٽر زرار پيرزادو چيو ته ذلف پيرزادو، انور پيرزادو، ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ ٻين ترقي پسند صحافين ۽ ڪارڪنن جو تسلسل هو، اسان کي هاڻي اهڙن ڪردارن کي انهن جي زندگيءَ ۾ ئي مڃتا ڏيڻ لاءِ انهن جون سالگرهون يا شامون ملهائڻ گهرجن، ڇپيل ڪتاب باشعور انسانن کي هميشه لاءِ زنده رکن ٿا،اسان کي اهو ڪم ڪرڻ گهرجي. روزاني ھلچل جي چيف ايڊيٽر ۽ ترقي پسند صحافي يونس مهر چيو ته ذلف وٽ سموري دنيا کي تبديل ڪرڻ جا خواب هئا، جن جي تعبير لاءِ هن صحافت جي دنيا ۾ جاکوڙ ڪئي، ذلف نه رڳو صحافت پر سياست ۾ به پاڻ ملهايو ۽ جيلن جو سختيون ڀوڳيون، هو ننڍپڻ کان وٺي عوام دوست رويي وارو عظيم انسان هو. اسان کي هن وقت ذلف وانگر ڪينالن خلاف جدوجهد جو حصو ٿيڻو پوندو، پنهنجو قلمي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ذلف جي گهر واري خالدہ پيرزادو چيو ته هن جي ور پنهنجي سياسي فڪر جي جدوجهد ۽ صحافتي مصروفيتن جي باوجود اسان کي سنڀاليو، ٻارن کي نصابي تعليم سان گڏ سموري ڪٽنب کي انقلابي سياسي تربيت ڏني، هن جي جاکوڙي ڪردار ڪري سڀني کي ياد آهي ۽ روزاني عوامي آواز هن جي زندگيءَ بعد به اسان جي ڪٽنب کي سنڀالي ورتو آهي ۽ ڊاڪٽر جبار خٽڪ سندس ڀائرن ذلف جي گهر جي چلهه کي وسائڻ نه ڏنو آهي، صحافي اڳواڻ وارث رضا چيو ته هن ذلف کي ڪالمن لکڻ تي آماده ڪيو ۽ هن جي دانش ۽ لکڻين تي غور ڪبو ته ان مان ذلف پيرزادو ظاهر ٿيندو، هو شاه لطيف جو ديوانو هو ۽ ٻلهڙيجي کي مهين جي دڙو وانگر لٽجڻ جو فڪر رکندو هو، روزاني سنڌ جي چيف ايڊيٽر ۽ سياست جي دنيا جي ساٿي مهيش ڪمار چيو ته ذلف ننڍپڻ کان وٺي ترقي پسند فڪر سان لاڳاپيل هو، هن پنهنجي ڪٽنب ۾ روايتي جاگيردارانه مردن جي حاڪميت کي ٽوڙي پنهنجي زال ۽ ڇوڪرين کي سياست ۽ جدوجهد جي ميدان ۾ آندو، هو هن جي روزاني عوامي آواز جي صحافت سندس ترقي پسند فڪر جو تسلسل هو، ذلف ۽ سندس ساٿين ننڍپڻ ۾ ئي قومي خدمت عيوض عوامي تبديلي ۽ خوشحالي جو خواب ڏٺو هو جنهن لاءِ هن آخر تائين پاڻ پتوڙيو. ذلف پيروزادو سنڌ جي حقن لاءِ قلم ذريعي جنگ ۽ جهاد ڪيو. قوم سان محبت ۽ عقيدت وارو جذبو سندس رت ۾ شامل هو. روزاني عوامي آواز جي اسسٽنٽ نيوز ايڊيٽر سارنگ زين چانڊيو چيو ته ڀائو ذلف پيرزادو  کاٻي ڌر جي سياست کي قومي حقن سان سلهاڙيو، هن مارڪسزم کي موهن جي دڙي جي مٽيءَ ۾ ڳوهي ٻلهڙيجي وٽان سنڌو درياءُ ۾ ٽٻي ڏياري. هو عوامي آواز جي سٿ جو محنتي ۽ جاکوڙي ڪردار هو، اڄ به سندس کوٽ محسوس ٿيندي آهي، ڀائو ذلف ۾ قائداڻا گر هئا، هن مخصوص اخبارن جي هڪ هٽي کي ٽوڙڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.  هن روايتي صحافت کان هٽي ڪري ايماندار، سچي ۽ ڪميٽڊ صحافت جو درس ڏنو. ڀائو ذلف پيرزادو پنهنجي پاڻ ۾ هڪ گهڻ رخي نرسري هو. جديد صحافت اچڻ کانپوءِ جيڪا هڪ هٽي قائم ٿي ان کي ختم ڪرڻ ۾ ڀائو ذلف جو وڏو ۽ اهم ڪردار هو. ڪراچي پريس ڪلب جي نائب صدر ارشاد کوکر چيو ته ذلف ملڻو جلڻو دوست هو، پر سادي قسم جو صحافي نه هو، هو صحيح ۽ غلط ماڻهن جي پرک به رکندو هو، اداري ۾ پنهنجن نون ساٿين جي تربيت به ڪندو هو. ان موقعي تي سڌ سماءُ جي آفيسر سرور سميجو، نزهت شيرين، عبدالله سروهي، جاويد بوزدار ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ذلف پيرزادو صحافي سان گڏ شاعر ۽ ڪالم نويس به هو، هن جي ڪتابن کي شايع ٿيڻ گهرجي، هن ڪالاباغ ڊيم خلاف به صحافت ۾ پنهنجو آواز بلند رکيو. ڀائو زلف هڪ وڏي اخبار جي نوڪري ڇڏي پر ڪالاباغ ڊيم خلاف اشتهار نه ڇاپيو.  ان موقعي تي ذلف پيرزادو جي ڌيءَ ورثا پيرزادو، عدنان هاشمي، منصور ٻرڙو، شيوڪ سانگي۽ ٻيا به موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.