ڪنڌڪوٽ ۾ امن امان جي بحالي ۽ ڌاڙيلن کي ڀتو نه ملڻ تان هندو برادري جي نوجوان انيش ڪمار کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ واري معاملي تي آل پارٽيز موومينٽ ۽ ڪنڌڪوٽ شهري اتحاد جي سڏ تي هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي هندو برادري، شهرين ۽ ٻين سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن رپورٽن موجب احتجاجي ريلي ۾ هڪ ئي نعرو هنيو ته ” ٻيو ڪجهه نه کپي صرف امن کپي“. ان موقعي تي شهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن ڏوهارين هندو واپاري ديوان لال جي دڪان تي فائرنگ ڪري ڪراچي کان آيل نوجوان انيش ڪمار کي سخت زخمي ڪيو. ڀتو نه ملڻ تان زخمي نوجوان زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ آهي. هوڏانهن شهر کي ڏوهارين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. ان بدامني سبب هندو برادري لڏپلاڻ پڻ ڪرڻ لڳي آهي. ٻئي پاسي پوليس خاموشي ۽ لاتعلقي وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. رپورٽن موجب ٻن سالن ۾ ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ ڪيترائي ايس ايس پي بدلي ٿي آيا پر ڪوبه ايس ايس پي مثالي امن قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آهي. ڌاڙيل ۽ ڏوهاري سولائي سان شهر جي مصروف ڪاروباري مرڪزن ۾ اچي شهرين ۽ ڪاروباري ماڻهن مٿان گوليون هلائي وارداتون ڪي فرار ٿي وڃن ٿا. احتجاج ڪندڙ اڳواڻن چيو ته ڌاڙيلن جي اهڙين وارداتن مهل پوليس ڄاڻي واڻي غائب ٿي ويندي آهي ته جيئن اها سندن منهن مقابل نه ٿي سگهي.
هن ئي موضوع تي اسان جڏهن هڪ ٻه هفتو اڳ هن سري هيٺ ايڊيٽوريل لکيو هو ته ”آخر پ پ حڪومت ڌاڙيلن خلاف فيصلائتو آپريشن ڇو نه ٿي ڪري“ ته ان جي جواب ۾ سوشل ميڊيا تي ڪجهه ساڃاهه وندن جو ان قسم جو جواب مليو ته مقامي ڀوتارن جي مفاد ۾ ڌاڙِيلن خلاف پ پ فيصلائتو آپريشن نه ٿي ڪرڻ چاهي. هن مٿي ڄاڻايل اخباري رپورٽ ۾ به لکيو ويو آهي ته ڌاڙيل جڏهن مارڪيٽ ۾ واردات لاءِ ايندا آهن ته ان وقت پوليس غائب ٿي ويندي آهي. انيش ڪمار تي ٿيل فائرنگ وقت به پوليس اتي موجود نه هئي ٻيو سوال اهو ته آخر ڌاڙيل ايڏو سولائي سان ڪاروباري مرڪزن تي ڪيئن ۽ ڪهڙن لنگهن تان اچي وارداتون ڪري ساڳين لنگهن تان واپس وڃن ٿا. معنيٰ دل ۾ واقعي به ڪارو آهي جنهن بابت شهرين ۽ خاص ڪري هندو برادري ۾ تمام گهڻي ڳڻتي جي لهر آهي. ان معاملي ۾ جيڪڏهن ڏسجي ته هٽ لسٽ تي به هندن جي ڪاروباري برادري آهي جنهن ڏانهن هميشه ڀتي جون ڌمڪين واريون چٺيون به اينديون رهنديون آهن. ائين به ناهي ته انهن ڀتي وارين ڌمڪين جي چٺين کان پوليس وارن کي ڪو آگاهه ناهي ڪيو ويندو پر حقيقت اها آهي ته پوليس انهن اطلاعن يا شڪايتن جو نوٽيس ئي ناهي وٺندي جنهن ڪري به بدامني ختم ٿيڻ جو نانءُ ئي نه ٿي وٺي.
اها صورتحال واقعي به افسوس ۽ ڳڻتي جوڳي کان وڌيڪ مجرماڻي آهي ته آخر پوليس ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ جو چئلنج ڇو نه ٿي قبولي ۽ حڪومت آخر ڌاڙيلن خلاف فيصلائتو آپريشن ڇو نه نٿي ڪري ۽ امن امان ڇو نه ٿي قائم ڪري ان عوام جي جان ، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪري جيڪو سندس ووٽر به آهي. ان سلسلي ۾ جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي ته عوامي سطح تي ته اهو تاثر آهي ته حڪومت پاڻ ڪنهن سبب ڪري ڌاڙيلن خلا ف آپريشن نه ٿي ڪري پر جيڪڏهن اهو تاثر غلط آهي ته پوءِ سوال واقعي به اهو ٿو پيدا ٿئي ته حڪومت آپريشن ڇو نه ٿي ڪري ڇا اها ان جي انتظامي يا حڪومتي نااهلي آهي بظاهر ان نااهلي تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته حڪومت پنهنجي جوهر ۾ ڌاڙيلن کان وڌيڪ طاقتور ۽ قانوني سرشتو آهي. ان سان غير نظرياتي ۽ ڏوهي گروهه بلڪل مقابلو نه ٿو ڪري سگهي. جيئن موجوده گهرو وزير محسن نقويءَ بلوچستان جي هٿياربند گروهن لاءِ چيو هو ته سندن خلاف فوجي آپريشن جي ضرورت ناهي ، ايس ايڇ او جي مار آهن.
اسان جو ڌاڙيلن جي ڪجهه گروهن جي حوالي سان به اهو خيال رهيو آهي ته اهي ايس ايڇ او جي مار آهن پر اهو ڇا آهي ته انهن گهوٽڪي، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعا يرغمال بڻائي ڇڏيا آهن ۽ اتي ڌاڙيلن جو راڄ قائم ڪر ورتو آهي جنهن کي بظاهر موجوده پوليس جو نظام هٿ به لائي نه ٿو سگهي ۽ ڌاڙيلن جي واردات جي موقعي تي اتان کسڪيل نظر ايندي آهي. اهو هڪ دفعي جو ته اتفاق ٿي سگهي ٿو پر هر ڀيري ائين اتفاق نه ٿو ٿي سگهي.
بهرحال هاڻي جڏهن پ پ لاڳيتو چوٿون ڀيرو سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ باوجود ڌاڙيلن کي ناس ڪرڻ ۽ عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ ۾ مڪمل طور تي ناڪام وئي آهي ته ڇا سنڌ جو عوام حق بجانب نه ٿيندو ته جيڪڏهن اهو موجوده مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت کي اپيل ڪري ته اها ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪري ڇاڪاڻ ته ان جي سنڌ حڪومت ئي هميشه ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو آهي ۽ 2013 واري حڪومت ۾ ته ان مجموعي طور تي سڄي ملڪ اندر مثالي امن قائم ڪري به ڏيکاريو هو. جنهن آپريشن سبب هر قسم جي دهشت گردي ۽ ڏوهن جون وارداتون ناس ٿي ويون هيون. اتفاق سان ٽيون ڏينهن ئي ڪراچي جي واپارين وفاقي وزير احسن اقبال کان ڀوڳن ۾ مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ مريم نواز کي وزارت اعليٰ لاءِ موڪليو ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي پنجاب گهرايو جنهن تي سنڌ حڪومت جي ترجمان ايم پي اي سعديه جاويد ردعمل ۾ چيو آهي ته هڪ مخصوص گروهه جي واپاريءَ اهڙو سازشي ريمارڪ ڏنو آهي.
بهرحال واپاريءَ جو ته اهو مڙئي ڀوڳ هو پر حقيقت اها آهي ته سنڌ حڪومت کي واقعي به گڊ گورننس لاءِ غير معمولي ڪارڪردگي ڏيکارڻ گهرجي جيڪا نظر نه ٿي اچي سو مجموعي طور تي امن امان قائم ڪرڻ لاءِ حڪومت کي غير معمولي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ڏانهن سوچڻو پوندو خاص ڪري ڌاڙيلن جو خاتمو نه ڪرڻ سنڌ حڪومت جي وڏين ناڪامين مان هڪ ناڪامي آهي تنهن ڪري پ پ جي سنڌ حڪومت لاءِ ڌاڙيلن سان منهن مقابل ٿيڻ جيڪڏهن ڏکيو آهي ته پوءِ مسلم ليگ (ن) جي ڌاڙيلن خلاف ڪامياب ڪارڪردگي کي ڏسي ڪري ڇو نه ان کي ڌاڙيلن خلا ف آپريشن جو چئجي جيتوڻيڪ اسان اهو مئنڊيٽ پ پ جي سنڌ حڪومت جو سمجهون ٿا ۽ پهريون حق ان کي ڏيون ٿا، پر اها الائي ڇو نه ان ڏس ۾ فيصلائتي اڳڀرائي نه ٿي ڪري !