ڊونلڊ ٽرمپ جي غزا بابت ”رٿ“ کي حماس رد ڪري ڇڏيو

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ  غزا کي ” پاڪ ” ڪرڻ جي ھڪ رٿ پيش ڪئي آھي جنھن موجب ھو چاھي ٿو  مصر ۽ اردن سميت عرب ملڪ وڌيڪ فلسطينين کي پناهه ڏين ته جيئن جنگ ۾ ورتل علائقن ۾ امن قائم ڪري سگهجي.ڇنڇرڏينھن  ھن صحافين کي ٻڌايو ته "اسين سڄي علائقي کي صاف ڪرڻ لاءِ  15 لک  ماڻهن جي ڳالهه ڪري رھيا آھيون ” پناھ ڏيڻ  وارو  قدم عارضي يا ڊگهي مدي جو بھ ٿي سگهي ٿو.

اھڙي رٿ کي مصر ۽ اردن رد ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن تھ حماس جي پرڏيهي لاڳاپن جي سربراهه باسم نعيم چيو ته غزا جا فلسطيني 15 مهينا موت ۽ تباهي برداشت ڪئي آهي. اھو سڀ ڪجهھ ھنن  پنھنجي زمين لاءِ سٺو آھي. هن ٽرمپ جي تجويز کي رد ڪندي چيو ته هو نئين سر تعمير جي بھاني ڪنھن بھ اهڙي  تجويز کي منظور نه ڪندا ۽ اسان جا ماڻهو غزا کي ٻيهر تعمير ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. رڳو علائقي جو  گهيرو ختم ڪيو وڃي.

حماس ۽ فلسطيني اٿارٽي ان تجويز تي تنقيد ڪئي آهي.فلسطيني اسلامي جهاد تحريڪ ٽرمپ جي تازي بيانن جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ هڪ بيان ۾ مصر ۽ اردن سميت سڀني ملڪن "ٽرمپ جي رٿ ” کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.هن چيو ته اھا رٿ  فلسطينين جي حقن ۽ وجود جي خلاف آهي، ان سان ھنن جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خلاف ڏوهن جو تسلسل قائم ٿيندو.

ٽرمپ ان وقت اھو بھ اعلان ڪيو ته  اسرائيل جن شين جي گھر ڪئي ھئي. اھي کين ڏنيون پيون وڃن، اھو جواب ھن ان سوال جي موٽ ۾ڏنو ھو جڏھن پڇيو ويو ته ڇا سندس حڪومت اسرائيل کي 907 ڪلوگرام بمن جي کيپ جاري ڪندي؟هن 15 مهينن جي جنگ دوران، غزا جي اڪثريت کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي ۽ ڪيتريون ئي عمارتون تباهه ٿي ويون آهن.گڏيل قومن جي  اندازي موجب  غزا ۾ 60 سيڪڙو عمارتون يا ته مڪمل يا وري جزوي طور تباھ ٿي ويون آهن.جن جي تعمير ۾ ڏهاڪن جو وقت لڳي سگهي ٿو.ايگزيوس ۾ شايع ٿيل هڪ مضمون ۾ اسرائيلي قومي سلامتي جي صحافي بارڪ رويڊ لکيو آھي  ته ٽرمپ دفاع واري کاتي کي اسرائيل تي 2,000 پائونڊ وزني بم موڪلڻ واري پابندي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو .

صدر جي حيثيت سان پنهنجي پهرين مدي دوران ٽرمپ فخر ڪندو هو ته اسرائيل جو "وائيٽ هائوس ۾ ھن کان اڳ ڪو بهتر دوست نه هو.” اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو پڻ اڪثر ٽرمپ بابت اھڙا جملا ورجائيندو رھيو آھي.ھوڏانھن  هزارين فلسطينين کي اتر غزا ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو. اسرائيل ۽ حماس ۾ جنگ بندي  گذريل آچر کان  ٻئي هفتي ۾ داخل ٿي وئي. حماس جي قيد ۾ رکيل چئن  اسرائيلي ۽ اسرائيلي جيلن مان لڳ ڀڳ 200 فلسطيني قيدي آزاد ڪيا ويا آهن.

بھرحال جنگ بندي  تي عمل  ۾نيون رڪاوٽون سامھو اچي رھيون آھن. اسرائيل اغوا ٿيل اربيل يهودين جي آزاديءَ تي تڪرار جي ڪري لکين فلسطينين جي اتر غزا ڏانهن واپسي تي اعتراض ڪيو ھو.اسرائيل ڏکڻ ۽ اتر غزا کي الڳ ڪندڙ رستي کولڻ لاءِ  ذڪر ڪيل يرغمال کي آزاد ڪرڻ جو شرط وڌو آھي. اسرائيل جو چوڻ آھي تھ معاهدي تحت پهرين عام ماڻهن کي آزاد ڪيو ويندو، جنهن تي حماس عمل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي.ھوڏانھن حماس جي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته  اربيل يهود حيات  آھي. جنھن کي ايندڙ هفتي آزاد ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.