گمبٽ(ن ع آ)گمبٽ تعلقي جي ڪچي واري علائقي لانڍيون ٿاڻي جي حد ۾ جتوئي برادري جي ٽن ڌرين غلام شبير جتوئي، جلال جتوئي ۽ اصغر جتوئي وچ ۾ 25 ورھين کان ھلندڙ پراڻي خوني تڪرار جو نبيرو سردار مير عابد حسين جتوئي ۽ سيد زاهد حسين شاھ بخاري جي سرپئنچي هيٺ مجيد خان جتوئي جي رهائش تي ٿي گذريو، نبيري ۾ ذوالفقار خان جتوئي، صدام جتوئي ۽ انور جتوئي مشير طور شرڪت ڪئي، ڌرين جا بيان ٻڌڻ کانپوءِ مجموعي طور تي ٽنهي ڌرين جا 26 خون ثابت ٿيا، جڏھن ته ٻن مردن ۽ هڪ عورت جي خون سميت چوپائي مال جي ڦر وارو معاملو ڪنهن به ڌر تي ثابت نه ٿيڻ ڪري ساک طئي ڪئي وئي، ڌرين جا بيان ٻڌڻ کانپوءِ 26 خونن جو مجموعي طور تي 7 ڪروڙ رپيا ڏنڊ جي فتوا ٻڌائي وئي،جڏهن ته اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 50 لک روپيا ڏنڊ جو فيصلو ٻڌايو ويو.اهڙي فتوا ٻڌڻ بعد ڌرين هڪ، هڪ لک روپيا بروقت ادا ڪيو،جڏهن ته بقايا ڏنڊ جي رقم قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، جنهن بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. نبيري بعد دعا خير گهري وئي ۽ علائقي ۾ خوشي جي لھر پکڙجي وئي.