پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ ۽ ايم اين اي شير افضل مروت پارٽي طرفان موڪليل شوڪاز نوٽيس جو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.
شير افضل مروت شوڪاز نوٽيس تي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان کي لکت ۾ جواب پيش ڪيو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ جي شوڪاز جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته مون تي پارٽي ڊسپلن جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳايو ويو آهي ۽ نوٽيس سلمان اڪرم راجا بابت منهنجي بيان جي تناظر ۾ موڪليو ويو آهي.
شير افضل مروت جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سلمان اڪرم راجا جي قدمن تي ظابطو نه آندو ويو، ته پارٽي ورهائجي ويندي ۽ سندس تبصرو پارٽي ۾ منهنجي ساک کي نقصان پهچائڻ وارو هو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اڳ ۾ پڻ پنجاب جي هڪ ايم پي اي پي ٽي آءِ باني کي مون بابت ورغلايو هو ۽ وضاحت جو موقعو ڏيڻ بنا مون کي پارٽي مان نيڪالي ڏني وئي هئي.
شير افضل مروت پنهنجي جواب ۾ شڪايت جو اظهار ڪندي چيو ته پارٽي فورمز تي خدشن جو اظهار ڪرڻ باوجود ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، اميد آهي ته منهنجي خدشن کي ختم ڪيو ويندو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ شير افضل مروت ۽ سلمان اڪرم راجا طرفان هڪٻئي تي الزام مڙهيا ويا هئا، جنهن تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي هدايت تي شير افضل مروت کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو ۽ جواب طلب ڪيو ويو.
You might also like