نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ايشيا جي امير ترين شخص مُڪيش امباڻي هڪ حيرت جوڳي رٿا تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
بلومبرڪ جي رپورٽ موجب، مُڪيش امباڻي جي ڪمپني ريلائنس انڊسٽريز ڀارت ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو ڊيٽا سينٽر تعمير ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم ڪرڻ لڳي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان منصوبي تي ڪم ڀارت جي رياست گجرات جي شهر ڄام نگر ۾ ڪيو ويندو ۽ اها ڀارت ۾ منصوعي ذهانت واري ٽيڪنالاجي (اي آءِ) کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوشش جو حصو آهي.
مڪيش امباڻي طرفان ان مقصد لاءِ اي آءِ سيمي ڪنڊڪٽرز NVIDIA ڪمپني کان خريد ڪيا پيا وڃن، جيڪا اي آءِ ٽيڪنالاجي واري شعبي ۾ اهم ترين عالمي ڪمپنين مان هڪ آهي.
You might also like