نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا سواستيڪا مکرجي سان هڪ انوکو واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ هڪ ڊليوري بواءِ ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٿي ويل پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ جي ٽڪيٽون کڻي فرار ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اداڪارا انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪندي ٻڌايو ته 22 جنوري تي ڪولڪتا جي ايڊن گارڊنز ۾ ٿيل ميچ جون ٻه ٽڪيٽون هڪ ڊيليوري بواءِ سندس گهر مان چوري ڪري ورتيون.
ميچ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ اداڪارا ٽڪيٽ چوري ٿيڻ بابت پوسٽ شيئر ڪئي ۽ مداحن کي آگاهه ڪيو ۽ ان سان گڏوگڏ هن رائيڊر خلاف شڪايت داخل ڪرائي.
اداڪارا پوسٽ ۾ لکيو ته ٽڪيٽن جو آرڊر شام ساڍي ڇهين وڳي ڏنو ويو هو، پر ڊيليوري بواءِ ساڍي پنجين وڳي آرڊر پهچائڻ جو نشان لڳائي ڇڏيو ۽ سندس نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيو. جنهن تي هن ڪمپني کي شڪايت ڪئي پر اڃا تائين ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.
سواستيڪا ٻڌايو ته اهي ٽڪيٽون سندس بواءِ فرينڊ جي پيءُ لاءِ هيون، جيڪو ڪرڪيٽ جو وڏو پرستار آهي ۽ لائيو ميچ ڏسڻ چاهي پيو، پر هو ميچ نه ڏسي سگهيو.
اداڪارا لکيو ته ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ سموريون ٽڪيون وڪرو ٿي ويون هيون، جنهن سبب سندس ميچ ڏسڻ جي اميد ختم ٿي وئي.
سواستيڪا مکرجي پنهنجي تصوير ۽ فون نمبر سميت ڊيليوري ايگزيڪٽيو جي تفصيل سان آرڊر جو اسڪرين شاٽ پڻ شيئر ڪيو.