پي ٽي آءِ جو جنيد اڪبر پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جو ايم اين اي جنيد اڪبر پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو.
پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين جي نامزدگي لاءِ اسپيشل سيڪريٽري محمد مشتاق جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ حڪمران جماعت مسلم ليگ ن طرفان طارق فضل چوڌري، جڏهن ته پي ٽي آءِ طرفان جنيد اڪبر جو نالو تجويز ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هو بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.