ڪرڪيٽر چيمپيئنز ٽرافي ” چورائڻ“ جي مهم تي نڪري پيا!

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) چيمپيئنز ٽرافي جو نئون پرومو جاري ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ شيڊيول ٽورنامينٽ جي پرومو ۾ پاڪستان جي شاهين شاهه آفريدي، شاداب خان ۽ ڀارتي آل رائونڊر هاردڪ پانڊيا کي ڏيکاريو ويو آهي.
ان کانسواءِ افغانستان جو محمد نبي ۽ انگلش ڪرڪيٽر فل سالٽ پڻ چيمپيئنز ٽرافي جي پرومو موجود آهي،
پرومو ۾ پنجئي ڪرڪيٽر خاص ڪمري ۾ سخت سيڪيورٽي جي پهري هيٺ رکيل ميگا ايونٽ جي ٽرافي کي هاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي رهيا آهن.
ياد رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 19 فيبروري کان شروع ٿيندي، ميگا ايونٽ نوَ مارچ تائين جاري رهندو جنهن ۾ دفاعي چيمپيئن پاڪستان سميت دنيا جون ٽاپ اٺ ٽيمون ايڪشن ۾ نظر اينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.