اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ماڻهو هڪ پاسي ڳرن بجلي بلن کان پريشان آهن ته ٻئي پاسي حڪومت طرفان پبلڪ ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر جي ملازمن کي اربين رپين جي بجلي مفت ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران توانائي واري وزارت پبلڪ ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر جي ملازمن کي هر سال اربين رپين جي بجلي مفت ڏيڻ انڪشاف ڪيو.
دستاويز موجب پبلڪ ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر جي ٻه لک ملازمن کي 44 ڪروڙ 15 لک يونٽ سالياني مفت بجلي ڏني وئي، اهڙي ريت حاضر سروس ملازمن کي ساليانو 30 ڪروڙ 82 لک يونٽ بجلي مفت ڏني وئي، جڏهن ته رٽائرڊ ملازمن کي 13 ڪروڙ 32 لک يونٽ بجلي مفت ڏني وئي.
دستاويز ۾ ٻڌايو ويو ته ڊسڪوز جي هڪ لک 49 هزار ملازمن کي مفت بجلي ڏني وئي، اين ٽي ڊي سي جي 26 هزار 368، جينڪو جي 12 هزار ملازمن کي مفت بجلي ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
اهڙي ريت واپڊا جي 12 هزار 700 ۽ پي آءِ ٽي سي جي 159 ملازمن کي مفت بجلي ڏني وئي، ڊسڪوز جي 78 هزار حاضر سروس ۽ 71 هزار 800 رٽائرڊ ملازمن کي مفت بجلي ڏني وئي، اين ٽي ڊي سي جي 20 هزار حاضر سروس ۽ 6 هزار رٽائرڊ ملازمن مفت بجلي مان فائدو کنيو.
دستاويز ۾ انڪشاف ٿيو ته جينڪو جي 7 هزار 500 حاضر سروس ۽ 5 هزار رٽائرڊ ملازمن مفت بجلي جا مزا ورتا، واپڊا جي 7 هزار 315 حاضر سروس ۽ 5 هزار 381 رٽائرڊ ملازمن کي مفت بجلي ڏني وئي.
You might also like