نيشنل اسٽيڊيم انڪلوزر 2 اڳوڻن ڪپتانن جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) نيشنل اسٽيڊيم ۾ انڪلوزر شاهد آفريدي ۽ يونس خان جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
قائد انڪلوزر کي شاهد آفريدي انڪلوزر ڪيو ويندو ۽ موجوده ماجد خان انڪلوزر کي يونس خان انڪلوزر بڻايو ويندو.
ان کانسواءِ موجوده ظهير عباس انڪلوزر کي نذر محمد انڪلوزر ڪيو ويندو، نيشنل اسٽيڊيم ۾ 1050 جي گنجائش وارن ٻن انڪلوزر کي ماجد خان ۽ ظهير عباس انڪلوزر جو نالو ڏنو ويندو.
حنيف محمد ۽ فضل محمود انڪلوزر جي کي تبديل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته نيشنل اسٽيڊيم جي جئين تعمير ٿيل بلڊنگ ۾ ٻه نوان وي وي آءِ پي انڪلوزر ٺهي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.