سيف علي خان تي حملو، پوليس کي اداڪار جي گهر ڀرسان اهم ثبوت ملي ويا

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان جي گهر جي ويجهو پوليس حملي ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ اهم شئي هٿ ڪري ورتي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، پوليس چاقو جو ٽڪرو باندرا ڍنڍ جي ڀرسان هڪ کاهي مان برآمد ڪيو، جيڪو اداڪار جي گهر کان اٽڪل هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي.
ياد رهي ته 16 جنوري جي رات سيف علي خان تي سندس گهر ۾ مبينا طور تي هڪ چور ڇريءَ جا ڪيترائي وار ڪري زخمي ڪيو هو، اداڪار کي فوري طور تي ممبئي جي ليلاوتي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس علاج جاري آهي ۽ ان جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.