روهت جي بيٽ کي زنگ لڳي ويو، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ به ناڪام

ممبئي (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ خلاف هوم سيريز ۾ وائيٽ واش شڪست ۽ وري آسٽريليا ۾ بدترين ڪارڪردگي کانپوءِ فارم جي ڳولا لاءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جو رخ ڪندڙ ڀارتي ڪپتان روهت شرما جي بيٽ تان زنگ نه لٿو.
خراب بيٽنگ فارم سبب تنقيد جو نشانو بڻجندڙ ڀارتي ڪپتان پنهنجي ڊوميسٽڪ ايونٽ رنجي ٽرافي ۾ به ناڪام ٿي ويو.
اٽڪل هڪ ڏهاڪي کانپوءِ رنجي ٽرافي ۾ ممبئي جي نمائندگي ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير خلاف ميچ ۾ روهت شرما اڻويهه بالن تي رڳو ٽي رنسون ٺاهي سگهيو.
مسلسل خراب ڪارڪردگي سبب ڀارت سميت پاڪستاني سوشل ميڊيا واهپيدار به روهت شرما تي ٺٺول ڪندي مٿس ميمز ٺاهي شيئر ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.