اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025 قومي اسيمبلي منظور ڪري ورتو.
وفاقي وزير راڻا تنوير پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025 قومي اسيمبلي ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو، جيڪو اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو.
پيڪا ايڪٽ ترميم بل 2025 خلاف صحافين پريس گيلري مان واڪ آئوٽ به ڪيو، حڪومت جي ڪنهن به اتحادي جماعت بل جي مخالفت نه ڪئي، جڏهن ته اپوزيشن طرفان بل پيش ڪرڻ کان اڳ ئي واڪ آئوٽ ڪيو ويو هو.
هوڏانهن صحافتي تنظيمن جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي بل رد ڪري ڇڏيو، ڪميٽي پي ايف يو جي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، ايمينڊ ۽ پي بي اي تي ٻڌل آهي.
جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي چيو ته پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم مشاورت بنا ڪئي پئي وڃي، حڪومت طرفان مسودو اڃا تائين شيئر ناهي ڪيو ويو.
پيڪا ايڪٽ ترميمي بل قومي اسيمبلي مان منظور، صحافين جو پريس گيلري مان واڪ آئوٽ
You might also like