پيپلز بس سروس ۾ سفر ڪندڙن لاءِ بُري خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جي ڀاڙن ۾ 60 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي.
پيپلز بس سروس جي مسافرن لاءِ نون ڀاڙن جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن تحت مختلف روٽن تي ڀاڙا 20 کان 60 سيڪڙو تائين وڌايا ويا آهن.
نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته بسن جي ڀاڙن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، جيڪي پهرين فيبروري کان لاڳو هوندو.
ياد رهي ته هن وقت سنڌ جي راڄڌاني ۾ پيپلز بس سروس جو گهٽ کان گهٽ ڀاڙو 50 رپيا ۽ وڌ کان وڌيڪ 100 رپيا آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.