اي وي ٽيڪسين جي پهرين کيپ فيبروري ۾ آڻڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر )سنڌ حڪومت اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ لاءِ ڪوششون وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيون آهن، ٽرانسپورٽ  کاتي جو 24 ڪلاڪن اندر هڪ ٻيو اجلاس سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ توانائي، رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت  ھيٺ ٿيو. اجلاس ۾ اي وي ٽيڪسين لاءِ چارجنگ اسٽيشنز جلد کان جلد قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،اجلاس ۾ رٿابندي ۽ ترقي واري سيڪريٽري نجم شاهه،ٽرانسپورٽ واري سيڪريٽري اسد ضامن،سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪمال دايو پيپلز بس سروس جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر صهيب شفيق ۽ ٻين شرڪت ڪئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اي وي گاڏين ۾ مسافر 200 ڪلوميٽر جو سفر 1800 رپين ۾ ڪري سگهندا، جيڪا سروس اقتصادي ۽ ماحول دوست هوندي. اجلاس جي موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڪئي ته اي وي ٽيڪسين جي پهرين کيپ ايندڙ مھيني فيبروري کان شروع ٿيڻ گھرجي، هن قدم سان اسان جي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، ناصر حسين شاهه چيو ته بيروزگار نوجوانن کي آسان قسطن تي اي وي ٽيڪسيون مهيا ڪيون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.