اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت دي پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائم ايڪٽ (پيڪا) ۾ وڌيڪ ترميمن وارو بِل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب، پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025 ذريعي حڪومت سوشل ميڊيا ۽ فيڪ نيوز بابت اهم قانون سازي ڪري رهي آهي، ترميمي بل ۾ فيڪ نيوز بابت ترميمن ۾سزائون ۽ ڏنڊ جو تعين پڻ شامل هوندو، ڪوڙين خبرن بابت ترميمن ۾ 3 سالن تائين قيد يا 20 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ڏيڻ جي تجويز شامل آهي، اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيل قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025ع پيش ڪيو، ان موقعي تي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ جو چوڻ هوته مقرر مدي ۾ ٽرائل مڪمل نه ٿيڻ تي نتيجا ڀوڳڻا پوندا، ٽرائل ڪورٽ کي ڪيسن جو فيصلو ڇهن مهينن کان هڪ سال اندر ڪرڻو پوندو، ماڊرن ڊيوائسز کي شهادت واري قانون ۾ شامل ڪرڻ واريون ترميمون به شامل آهن، عوام کي انصاف واري نظام مان ڏکيائي ٿي رهي آهي، عوام هن ايوان مان انهن جي حل جي اميد رکي ٿو، نظام ۾ ايتريون خرابيون آهن جو ڪنهن تي ڪجهه به ثابت ئي ناهي ٿيندو، سينيٽر اعظم نذير چيو ته ڏوهاري کي سزا ڏيڻ جي شرح انتهائي گهٽ آهي، ٻين ملڪن ۾ سزا ڏيڻ جي شرح 80 سيڪڙو آهي، نظام جي بهتري لاءِ ترميمون آڻي رهيا آهيون، سندس چوڻ هو ته اپوزيشن کي عوامي مسئلن ۾ ڪا به دلچسپي ناهي، هو رڳو اچي لابي ۾ ماني کائيندا آهن، هڪ شخص جي آزادي جا نعرا هڻندا آهن ۽ بار بار رڳو ڪورم جي نشاندهي ڪندا آهن، حڪومت پاران قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025ع موجب سوشل ميڊيا پروٽيڪشن اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي جو هيڊ آفيس اسلام آباد ۾ هوندو، جڏهن ته صوبائي راڄڌاني ۾ به آفيسون قائم ڪيون وينديون، اٿارٽي کي سوشل ميڊيا پليٽ فارمن جي رجسٽريشن ۽ منسوخي جا اختيار ڏنا ويندا، سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي سهولت ڪاري سان گڏ صارفين جي تحفظ ۽ حقن کي يقيني بڻائڻ لاءِ معيار مقرر ڪيو ويندو، پيڪا ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي اٿارٽي سوشل ميڊيا پليٽ فارم خلاف تاديبي ڪارروائي ڪرڻ کان سواءِ لاڳاپيل ادارن کي سوشل ميڊيا تان غير قانوني مواد هٽائڻ لاءِ هدايتون جاري ڪرڻ جي به پابند هوندي، ترميمي بل موجب اٿارٽي ڪل 9 ميمبرن تي مشتمل هوندي، گهرو سيڪريٽري، پي ٽي اي چيئرمين، پيمرا چيئرمين ايڪس آفيشو ميمبر هوندا، بيچلرس ڊگري هولڊر ۽ لاڳاپيل شعبي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 سالن جو تجربو رکندڙ شخص کي اٿارٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويندو، چيئرمين ۽ پنج ميمبرن جي مقرري پنجن سالن لاءِ هوندي، حڪومت صحافين کي به اٿارٽي ۾ نمائندگي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايڪس آفيشو ميمبرن کان سواءِ باقي 5 ميمبرن ۾ 10 سالن جو تجربو رکندڙ صحافي، هڪ سافٽ ويئر انجنيئر، هڪ وڪيل، هڪ سوشل ميڊيا پروفيشنل ۽ هڪ آئي ٽي ماهر کي پڻ شامل ڪيو ويندو، بل موجب اٿارٽي چيئرمين کي اختيار هوندو ته هو سوشل ميڊيا تي ڪنهن به غير قانوني مواد کي فوري طور بلاڪ ڪرڻ جي هدايت ڪري جڏهن ته چيئرمين ۽ ميمبر ٻئي ڪنهن به ڪاروبار ۾ ملوث نه هوندا، نئين ترميم تحت سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي اٿارٽي وٽ رجسٽرڊ ڪرائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، اٿارٽي نظريا پاڪستان خلاف ۽ قانون ٽوڙڻ لاءِ ڀڙڪائيندڙ مواد کي بلاڪ ڪرڻ جي مجاز هوندي، اٿارٽي کي اختيار هوندو ته هو هٿياربند فوجن، پارليامينٽ يا صوبائي اسيمبلين خلاف غير قانوني مواد کي بلاڪ ڪري، پارليامينٽ جي ڪارروائي دوران حذف ٿيل مواد سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ نه ڪيو ويندو، ترميمي بل موجب پابندي مڙهيل تنظيمن يا فردن جا بيان سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ نه ڪيا ويندا، سوشل ميڊيا شڪايتي ڪائونسل قائم ڪئي ويندي جيڪا 5 ميمبرن تي مشتمل هوندي، اٿارٽي سوشل ميڊيا پليٽ فارم طرفان هدايتن تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٽربيونل سان رجوع ڪندي، ترميمي ايڪٽ تي عملدرآمد لاءِ وفاقي حڪومت سوشل ميڊيا پروٽيڪشن ٽربيونل قائم ڪندي، ٽربيونل جو چيئرمين هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو جج هوندو، صحافي، سافٽ ويئر انجنيئر به ٽربيونل جو حصو هوندا، ٽربيونل جي فيصلي کي 60 ڏينهن اندر سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگهبو، جعلي خبرون پکيڙيندڙ کي 3 سال قيد يا 20 لک ڏنڊ جي سزا ٿي سگهي ٿي، وفاقي حڪومت سوشل ميڊيا تي غير قانوني سرگرمين جي جاچ لاءِ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي قائم ڪندي، ايجنسي جو سربراهه ڊائريڪٽر جنرل هوندو، جنهن جي مقرري 3 سالن لاءِ هوندي، ان کان سواءِ اٿارٽي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي پوسٽ جي حساب سان پوليس آفيسرن جا اختيار حاصل هوندا، ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم ونگ کي ٽوڙي نئين تحقيقاتي ايجنسي ٺاهي ويندي.