ڪنهن خلاف گواهي نه ڏيندس،سڀني جا راز دفن آهن:ملڪ رياض

اسلام آباد(ع آ نيوز) ملڪيتن، زمينن تي قبضا ڪندڙ ۽ وڏن بااثرن سميت طاقتور ڌرين سان ويجهو رهندڙ ملڪ رياض نيٺ وڪڙ ۾ اچي ويو آهي. نيب سندس ڪاروبار کي غير قانوني قرار ڏيندي انٽرپول ذريعي گهرائي حراست وٺڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن.ملڪ رياض جو سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان اهو تاثر ڏئي رهيو آهي ته هو دعويٰ ڪري رهيو آهي ته کيس ڪنهن ڪيس ۾ گواهي ڏيڻ لاءِ چيو پيو وڃي. پنهنجي ڊگھي بيان جي پهرئين سٽ ۾ لکيل هو ته ’مان اهو فيصلو ڪالهه به ڪيو هو، اڄ به منهنجو فيصلو آهي ته مان چاهي ڪيترو به چاهيان، ملڪ رياض گواهي نه ڏيندو. ڪالهه اڱاري ڏينهن نيب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته نيب وٽ پختا ثبوت آهن ته ملڪ رياض ۽ سندس ساٿين نه رڳو سرڪاري پر ڪراچي، راولپنڊي ۽ نيو مري ۾ بحريا ٽائون جي نالي تي غير قانوني قبضا پڻ ڪيا آهن بغير اجازت جي زمين ٺاهي ۽ هائوسنگ سوسائٽيون قائم ڪري ماڻهن کان فراڊ ذريعي وڏي رقم وصول ڪري رهيو آهي. نيب طرفان جاري ڪيل بيان تي تبصرو ڪندي هن چيو ته اداري جو بيان بليڪ ميلنگ جو نئون مطالبو آهي. هن جي بيان ۾ ڪٿي ڪٿي اهو خطرو به لڪايو ويو هو ته ”مان صبر ڪري رهيو آهيان پر دل ۾ طوفان کڻي بيٺو آهيان، جيڪڏهن هي بند ٽُٽي ويو ته سڀني جو ڀرم ٽٽي ويندو. اهو نه وساريو ته گذريل 30، 35 سالن جا سمورا راز ثبوتن سان محفوظ آهن. هوڏانهن اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته نيب ملڪ رياض ۽ سندس پٽ علي ملڪ رياض کي مفرور قرار ڏئي چڪو آهي نيب واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ملڪ رياض ۽ علي ملڪ رياض جي خلاف غيرقانوني هائوسنگ اسڪيمون، زمينن تي ناجائز قبضن سميت ڪرپشن ۽ فراڊ جون پڪيون شاهديون موجود آهن.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي عطاءُالله تارڙ نيب رپورٽ جو ذڪر ڪندي چيو ته ڪالهه نيب هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ملڪ رياض ۽ علي ملڪ رياض جي خلاف غيرقانوني هائوسنگ اسڪيمز، زمينن تي ناجائز قبضي سميت ڪرپشن ۽ فراڊ جون پڪيون شاهديون موجود آهن. هن چيو ته نيب طرفان پريس رليز جاري ڪرڻ باوجود دبئي ۾ پروجيڪٽس شروع ڪرڻ حيران ڪندڙ آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته نيب پاڪستاني عوام کي آگاهه ڪيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ رياض جي دبئي واري پروجيڪٽ ۾ پاڪستان مان سرمائيڪاري ڪئي وئي ته اها مني لانڊرنگ تصور ڪئي ويندي، متحده عرب امارات حڪومت سان به انهي معاملي تي قدم کڻڻ جي لاءِ ڳالهيون هلي رهيون آهن. هن ٻڌايو ته نيب ملڪ رياض ۽ علي ملڪ رياض کي مفرور قرار ڏئي چڪو آهي، انهن جون ملڪيتون به ضبط ڪيون ويون آهن جڏهن ته انهي کي واپس آڻڻ جون ڪارروايون به جاري آهن. هڪ وڪيل منصف جان، جيڪو اڳ ۾ نيب ۾ ڊپٽي پراسيڪيوٽر جي حيثيت سان منسلڪ هو، جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ حوالگي جو معاهدو آهي، پر ”جوابدار جي حوالگي هڪ تمام ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ عمل آهي“.

ملڪ رياض ڪيس ۾ جنرلن،ميڊيا مالڪن،اينڪرن،صحافين،ڪجهه سياستدانن جا راز پڌرا ٿيڻ وارا؟

اسلام آباد(حماد حسن)ان ۾ ڪوشڪ ناهي ته ڊگهي عرصي تائين ملڪ رياض جي پٺڀرائي فوج جا جرنيل ۽ جج ڪندا رهيا آهن ۽ ميڊيا به سندس پويان بيٺل رهيو. ايتري تائين جو سندس خلاف ڪجهه لکڻ به هڪ وقت ۾ ممڪن نه هيو.هڪ صحافي جيڪو سياستدانن ۽ فوج خلاف به ڳالهائيندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته مان ڊڄندو ناهيان ان به ڪڏهن ملڪ رياض جو نالو نه کنيو. ڇهه مهينا اڳ دبئي ۾ هڪ مشهور چينل جي مالڪ جي پٽ ملڪ رياض سان معاملا طئي ڪيا ۽ ترت ئي ان جي ميڊيائي وڪالت شروع ڪري ڇڏي هئي.حامد مير به ملڪ رياض جي ڳالهه نٿو ڪري، هاڻي ملڪ رياض ڌمڪي ڏني آهي ته 25 ٽيهن سالن جا معاملا پڌرا ڪري ڇڏيندس. ڊي ايڇ اي ۾ هڪ ريٽائرڊ  فوجي آفيسر کي گوليون هڻي ماريو ويو  ان جي پٺيان ڪهڙا عوامل هيا ملڪ رياض جي نالي تي ڪالم لکندڙ صحافي کي ريئل اسٽيٽ ٽائيڪون ان وقت 9 لک روپيا في ڪالم ڏيندو هو.هن هزارين ايڪڙ زمينن تي قبضا ٿيا جيڪي غريبن مسڪينن  ۽ بيواهن جون هيون ۽ ان کي ڪور ڏيڻ لاءِ دسترخوان جهڙا ڊراما ڪياويا،ملڪ رياض ريٽائرڊ فوجي آفيسرن کي پاڻ سان گڏ ڇو رکندو هو؟جڏهن ته ملڪ رياض سان گڏ هڪ ميڊيا ٽائيڪون ۽ ٽن صحافين بابت جاچ ٿي رهي آهي ايندڙ ڏينهن ۾ ڇرڪائيندڙ خبرون اينديون ۽ جيڪي بهادر بڻبا هئا انهن خلاف ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيندا.اسٽاڪ ايڪسچينج تائين انهن جا معاملا ڪهڙا هئا جاچ ٿي رهي آهيا،اينڪر ڪامران خان جو نالو به آهي  ۽ ڪهڙي ريت ڪامورن جون بدليون ٿينديون هيون جاويد اقبال کي نيب چيئرمين به ملڪ رياض لڳرايو،ايندڙ ڏهاڙن ۾ ميڊيا ٽائيڪون،ڪجهه صحافين، ريٽائرڊ حاضر سروس جنرلن،اڳوڻي نيب چيئرمين  ۽ ڪجهه سياستدان بابت راز سامهون آڻڻ جو فيصلو ٿي سگهي ٿو.ملڪ رياض ۽ سندس ويجهن ساٿين جي سخت جاچ پڙتال ٿي رهي آهي ۽ فوج ملڪ رياض کان بلڪل پري ٿي وئي آهي .ڪمشنر پنڊي جنهن جسٽس فائز عيسيٰ تي الزام لڳايا ان جو پيرو به هن تائين وڃي ٿو.

ڪرپشن خلاف ڪارروائي ڪندڙ اداري جي سربراهه جي ملڪ رياض سان ملاقات؟

اسلام آباد(اعزاز سيد+آصف بشير چوڌري) ملڪ رياض خلاف خبر هلائڻ تي صحافي گذريل ڏينهن مونجهاري جو شڪار رهيا،  فوجي اسٽيبلشمينٽ زور ڏنو ته دبئي پراجيڪٽ خلاف نيب جي پريس رليز ميڊيا من و عن هلائي جڏهن ته ميڊيا مالڪن پنهنجي اينڪرن،عملي کي روڪيو ته اهڙي خبر نه هلايو،اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته نيب جو سربراهه محسن بٽ دبئي وڃي ملڪ رياض سان ملاقاتون ڪندو رهيو آهي،اطلاعن مطابق هن ملڪ رياض سان ”پنهنجي ڊيل “ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي،اهو به سوال آهي ته ملڪ رياض نيب سميت ٻين ادارن جي نڪ هيٺيان زمينن تي قبضا ڪندو رهيو ان وقت ادارا ڪٿي هئا؟ملڪ رياض ننڍپڻ ۾ چانهه جو اسٽال لڳائي گذرسفر ڪندو هو،پوءِ هن پنڊي ۾ ٺيڪيداري شروع ڪئي،هن کي جلدي هڪ ڳالهه جي خبر پئجي وئي ته پئسو ٺاهڻ لاءِ فوجي آفيسرن جي حمايت ضروري آهي

ميڊيا،ڪاموراشاهي ۽ عدليه  ۾ ملڪ رياض جا نوازيل ماڻهو موجود

لاهور(معظم فخر) ملڪ رياض عمران خان جي حمايت ۽ اسٽيبلشمنٽ جي کليل مخالفت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ صحافت  ،  بيوروڪريسي ۽ عدليه ۾ موجود پراڪسيز کي  سپورٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ملڪ رياض جو ٽوئٽ ڏسي نوازشريف جو ڪاڪڙ فارمولي دوران خطاب ۽ استعفيٰ ياد اچي ٿي.ملڪ رياض چوي ٿو ته جيترو به ظلم ٿئي گواهي نه  ڏيندس. سو هو چٽو آهي ته عمران خان سان بيهي ٿو. پاڪستان اندر ملڪ رياض خلاف عدالتي در کڙڪائيندڙ وڪيل پاران دبئي ۾ به سندس خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪيو ويو آهي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عدالت ڪجهه اهڙا سوال اٿاريا آهن جنهن جي ڪري نيب کي سرگرم ٿيڻو پيو آهي.سو هتي اي کان زيڊ تائين اينڪر پرسن ملڪ رياض جا واٺا آهن ۽ جاويد چوڌري جهڙا سندس پي آر او رهيا آهن. ۽ جاويد چوڌري کيس ڪالم لکي ڏيندو هيو جيڪي روزاني جناح ۾ ڇپبا هئا. مهر بخاري ۽ مبشر لقمان جو ٽي وي شو به سڀني کي ياد هوندو. ملڪ رياض رياست کي چيلينج ڪيو آهي. ملڪ رياض جي نالي ملڪ اندر نا ڪا پراپرٽي آهي نه وري ڪو بينڪ اڪائونٽ آهي. هڪ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيڻ جي دعويٰ به ڪندو آهي پر ان جي پاڪستان اندر ڪا به پراپرٽي ناهي. عدالت چوندي آهي ملڪ رياض جي پراپرٽي ضبط ڪريو ته سڀ کاتا وڃي عدالت کي ٻڌائيندا آهن ته ملڪ رياض جي پاڪستان اندر ڪا به پراپرٽي موجود ناهي.

سياستدانن خلاف باهه ٻاريندڙ ميڊيا ۾ ملڪ رياض تي بليڪ آئوٽ

اسلام آباد(عمران شفقت) ملڪ رياض جي ڌمڪي حقيقت ۾ آرمي چيف، وزيراعظم  سميت پوري ملڪ اندر قانون جي حڪمراني  چاهيندڙن کي ڌمڪي آهي. ۽ اها ڌمڪي هن نيب جي پريس رليز بعد ڏني آهي ملڪ رياض خلاف پهريون به نيب پاران  جنرل امجد جي دور ۾ ڪارروائي ٿي ملڪ رياض جو تعلق زرداري ۽ نوازشريف سان رهيو آهي. 190 ملين پائونڊ واري پراپرٽي به حسن ۽ حسين نوازشريف وارن جي هئي جن کي اين سي اي پاران ڪلين چٽ ملي هئي.پاڪستان جو سسٽم عجيب آهي،190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ ملڪ رياض جي نالي تي جيو نيوز وارن ٽون ٽون  جي ٽون لڳائي ٿي ڇڏي. نه وري اي آر وائي تي نالو ايندو آهي ملڪ رياض تي بلڪل بليڪ آئوٽ آهي. نيب جي اها پريس رليز نواز شريف، مريم نواز، عمران خان يا مولانا جي خلاف هجي ها ته  وڌو ٻڙڌڪ مچي ها پر ملڪ رياض خلاف بليڪ آئوٽ آهي. عاصم منير بارڊرز تي اسمگلنگ بند ڪرائي ڇڏي جنهن جي بريفنگ انوارالحق ڪاڪڙ کيس ڏني هئي ته هن اسمگلنگ ۾ وڏا ڀائي ملوث آهن. ٻيو وڏو ڪم ملڪ رياض جي خلاف پڪڙ  آهي. ميڊيا ان جي ڪري نالو ملڪ رياض جو نه ٿي کڻي جو اربين روپين جا اشتهار ڏيندو آهي،اسيٽبلشمنٽ سان اختلافن جي دور ۾ ملڪ رياض جيونيوز ٽي وي وارن ملازمن جون پگهارون ادا ڪندو رهيوآهي ملڪ رياض جي ڌمڪي مان لڳي ٿو ته ان تي ڪو عام ماڻهو هٿ نه ٿو وجهي سگهي ملڪ رياض جي ڌمڪي سسٽم ۾ انهن ماڻهن کي آهي جن کي هن نوازيو آهي،جڏهن ته هن جا ڪڏهن به جنرل عاصم منير سان اهڙا ناتا ناهن رهيا جو جنرل عاصم منير هن کان ڪو فائدو ورتو هجي.

دبئي پراجيڪٽ تي ناڻو ٻاهرين ملڪ منتقل ٿيڻ لڳو، آءِ ايس آءِ جي وارننگ

اسلام آباد(عمر چيما)ملڪ رياض ڪنهن کي پاڻي جو گلاس به ڏيندو آهي ته ان جو رڪارڊ ضرور رکندو آهي،هن ۾ ڪمال اهو آهي ته هو ماڻهن جا خواب پڙهي وٺندو آهي،ملڪ رياض اسٽيبلشمينٽ سان جيڪو ڪيو آهي ان تي ماڻهن  کي حيراني ٿيندي،ماضي ۾ مخدوم فيصل صالح حيات ملڪ رياض خلاف ڪارروائي ڪري هن جي پٽ کي گرفتار ڪرايو هو،تڏهن وڏو ٻڙڌڪ متل هو،ملڪ رياض کي پاڪستان مان جيڪو ڪمائڻو هو اهو ڪمائي چڪو آهي،دبئي واري پراجيڪٽ بعد ماڻهن پاڪستان مان پئسو يو اي اي منتقل ڪرڻ شروع ڪيو ته حڪومت کي ڳڻتي ورائي وئي، جڏهن ته برطانيا، پرتگال،ترڪيه ۾ پاڪستانين وڏي انگ ۾ پراپرٽيون خريد ڪري رکيون آهن، آءِ ايس آءِ ٽن چئن ڪمپنين سان ملي ڊيٽا ٺاهي آهي،جنهن ۾انڪشاف ٿيو ته پاڪستاني وڏي انگ ۾ بحريا جي دبئي پراجيڪٽ ۾ بڪنگ ڪرائي رهيا آهن،ان سيڙپڪاري جي ڪا گارنٽي به نه هئي،ناڻو وڏي مقدار ۾ ٻاهرين ملڪ وڃي رهيو هو، فوج سان هن جا معاملا ڊي اي ايڇ جي ڪري اڳ ۾ ئي خراب هئا،جڏهن ته دبئي ۾ جيڪي ماڻهو ان پراجيڪٽ لاءِ بڪنگ ڪري رهيا هئا انهن کي آءِ ايس آءِ گهرائي چيو ته ماڻهن جا پئسا ان پراجيڪٽ ۾ سيڙپڪاري تي نه لڳايو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.