اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاھري مٿان ڪيس داخل ٿيڻ خلاف مظاهرو

حيدرآباد/ نوابشاھه (نمائندن وٽان ) اڳوڻي صوبائي صلاحڪار سردار اسماعيل ڏاھري جي ڪوڙا ڪيس ۽ سندس  آزادي لاءِ سندس ڀينرن حميدا ڏاھري فھميدا ڏاھري ۽ رابعا ڏاھري جي اڳواڻي ۾ عورتن معصوم ٻارڙن سان گڏجي قرآن پاڪ ھٿ ۾ کڻي نوابشاهه پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،  ان موقعي تي ميڍيا سان ڳالهائيندي حميدا ڏاھري ۽ فھميدا ڏاھري چيو ته اسان جي ڀاءُ سردار اسماعيل ڏاھري مٿان بي گناهھ ڪوڙا سياسي ڪيس داخل ڪيا ويا آھن اسان جي ڀاءَ کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي 6 مھينن کان سنڌ جي مختلف جيلن ۾ قيد ڪري رکيو ويو آهي ۽ سندس مٿان سخت تشدد ڪيو پيو وڃي اسان سان ملاقات به نٿي ڪرائي وڃي،  هنن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته اسان جي ڀاءُ کي پوليس ھٿان مارايو ويو  آهي،  هنن چيو ته اسان جي ڀاءُ مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي . هوڏانهن اڳوڻي صوبائي صلاحڪار ۽ ماضي ۾ پيپلزپارٽي جي سرگرم اڳواڻ اسماعيل ڏاهري جي زندگي کي خطرو هجڻ واريون خبرون سوشل ميڊيا تي هلي رهيون آهن ۽ سندس وارثن به ان ڏس ۾ اهڙين خبرن بابت سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪيترائي خدشا پڻ ظاهر ڪيا آهن. جڏهن ته پوليس ذريعن يا ڪنهن لاڳاپيل اداري اهڙين هلندڙ خبرن جي ترديد يا تصديق ناهي ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.