پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ تحريڪ تيز ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر )پريا ايڪشن ڪميٽي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي تحريڪ تيز ڪرڻ جو اعلان ڪندي پهرين مرحلي ۾ 29 جنوري تي سيمينار ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو آهي، پريا ايڪشن  ڪميٽي جو هنگامي اجلاس ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان فيصلا ڪيا ويا ته پهرين مرحلي ۾ ڪراچي پريس ڪلب ۾ 29 جنوري اربع ڏهاڙي تي سيمينار ڪوٺايو ويندو،  جنهن ۾ گهرو وزير، آءِ جي سنڌ سميت سول سوسائيٽي جي اڳواڻن وڪيلن صحافين کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي، سيمينار ۾ پريا جي والدين جي شرڪت ڪرائي ويندي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انساني حقن وارين تنظمين سميت عالمي ادارن، سنڌ ڪابينا،  بلاول ڀٽو زرداري توڙي وڏي وزير کي خط لکي پريا جي بازيابي لاءِ چيو ۽ پڇاڻون ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته پريا جي بازيابي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نامور وڪيل علي پلهھ معرفت آئيني پٽيش داخل ڪئي ويندي جنهن جي ذميواري علي پلهھ ۽ سندس ٽيم حوالي ڪئي ويئي،اجلاس ۾ پريا جي بازيابي لاءِ ڪراچي سکر ۽ حيدرآباد ۾ احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن ۾ سڀ کان اول ٽن تلوارن تي ڌرڻو هنيو ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.