افغانين جي نيڪالي خلاف درخواست خارج، پنهنجو بار نه ٿا کڻي سگهون، ٻين جو ڇو کڻون\آئيني بئنچ

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي آئيني بينچ غير قانوني افغان پناهگيرن جي بي دخلي خلاف داخل درخواست اڪلائي ڇڏي، جڏهن ته عدالت قرار ڏنو ته درخواست نگران حڪومت جي دور ۾ داخل ڪئي وئي هئي، جيڪڏهن موجوده حڪومت جي پاليسي سان اختلاف آهي ته نئين ڪارروائي ڪئي ويندي. درخواست داخل ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏنا ته اسان پنهنجو بار پاڻ کڻائي نٿا سگهون ته پوءِ غير قانوني ماڻهن جو بار ڇو کڻون. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بئنچ غير قانوني پناهگيرن  جي نيڪالي خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذار طرفان ايڊووڪيٽ عمر اعجاز گيلاني عدالت ۾ پيش ٿيو.  جسٽس محمد علي مظهر درخواست گذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان چاهيو ٿا ته حڪومت غير قانوني پناهگيرن کي نه ڪڍي؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ عمر اعجاز گيلاني جواب ڏنو ته هي درخواست بنيادي حقن جي لاڳو ڪرڻ  لاءِ آهي. جسٽس محمد علي مظهر پنهنجي  رمارڪس ۾ چيو ته آئين پاڪستان جي شهرين کي بنيادي حق ڏئي ٿو، جنهن تي جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏنا ته افغان 40 سالن کان هتي رهن ٿا، ٻار وڏا ٿيا آهن، ڇا کين سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي؟ ؟ ڪراچي ۾ مختلف ماڻهو آهن جن کي ڪو به قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي  جسٽس مسرت هلالي رمارڪس ڏنا ته منهنجي صوبي جون سرحدون کليل آهن، دهشتگردي جو ذميوار ڪير آهي؟ وڪيل عمر اعجاز گيلاني چيو ته پاڪستان جو شهريت ايڪٽ هر پيدا ٿيندڙ کي شهريت ڏئي ٿو، جنهن تي جسٽس حسن اظهر رضوي رمارڪس ڏنا ته شهريت غير قانوني نه پر رجسٽرڊ لاءِ هوندي. بعد ۾ سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ غير قانوني افغان پناهگيرن جي بي دخلي خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي درخواستگذار کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي درخواست نگران حڪومت خلاف هئي ۽ هاڻ ختم ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.