اسلام آباد )ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي 3 ججز بئنچز اختيارن جو ڪيس جي مقرر نه ٿيڻ واري معاملي تي چيف جسٽس ۽ آئيني بئنچ جي سربراهه کي خط لکي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ بئنچز اختيارن جو ڪيس مقرر نه ٿيڻ واري معاملي تي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس عقيل عباسي چيف جسٽس يحيٰٰ آفريدي ۽آئيني بئنچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان کي خط لکيو آهي.
ذريعن موجب، خط ۾ بئنچ اختيارن بابت ڪيس جو ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته جسٽس عقيل عباسي کي 16 جنوري تي بئنچ ۾ شامل ڪيو ويو ۽ جسٽس عقيل سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ٻڌي چڪو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته خط ۾ 20 جنوري تائين ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ٿيڻ تي شڪايت ڪئي وئي ۽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جي 17 جنوري واري اجلاس جو به ذڪر ڪيو ويو.
ذريعن موجب، جسٽس منصور علي شاهه ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته سندس راءِ رڪارڊ تي موجود آهي، جسٽس منصور علي شاهه ڪميٽي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته کيس ڪميٽي ۾ پيش ٿيڻ جي ضرورت ناهي، سندس جي آرڊر تي عمل ڪيو وڃي.
ذريعن موجب، جسٽس منصور علي شاهه خط ۾ چيو ته ڪميٽي پهريان واري بئنچ ٺاهي 20 جنوري تي ٻڌڻي مقرر ڪري ڪري سگهي ٿي، ڪيس فڪس نه ڪرڻ عدالتي حڪم نه مڃڻ جي برابر آهي.
ذريعن موجب، جسٽس منصور علي شاهه خط ۾ ان معاملي کي توهين عدالت قرار ڏنو.