اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومتي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته آرمي چيف ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ملاقات بابت وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي آهي.
اعلى حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته آرمي چيف ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل ملاقات ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون، ان بابت وزيراعظم شهباز شريف کي آگاهه ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ آرمي چيف پي ٽي آءِ اڳواڻن جا پارٽي مسئلا ٻڌا ۽ کين چيو ته هو انهن معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو.
حڪومتي ذريعن موجب، آرمي چيف پي ٽي آءِ اڳواڻن کي صلاح ڏني ته سياسي معاملن لاءِ حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آرمي چيف ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر وچ ۾ ملاقات جي خبر سامهون آئي هئي.
شروع ۾ بئريسٽر گوهر ان ملاقات جي ترديد ڪئي پر بعد ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان پاران تصديق ٿيڻ کان پوءِ بئريسٽر گوهر به ملاقات جو اعتراف ڪيو.
ان ڏس سلسلي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ هو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات دوران امن امان جي موضوع تي ڳالهيون ٿيون.
You might also like