محمد بن سلمان جي دوري کانپوءِ ڪيترا پاڪستاني سعودي جيلن مان آزاد ٿيا؟ تفصيل پڌرا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري کانپوءِ آزاد ٿيندڙ پاڪستانين جا تفصيل سامهون اچي ويا.
سينيٽ اجلاس جي سوالن واري وقفي دوران پرڏيهي وزارت لکت ۾ سعودي ولي عهد جي پاڪستان جي دوري کانپوءِ آزاد ڪيل پاڪستانين جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا.
پرڏيهي وزارت موجب، 2019ع کان 2024ع تائين ست هزار ٻه سئو اٺ پاڪستاني قيدين سعودي جيلن مان آزاد ڪيو ويو.
جواب ۾ ڄاڻايو ويو ته 2019ع ۾ 545، 2020ع ۾ 892، 2021ع 916، 2022، 1331، 2023ع ۾ 1394 ۽ 2024ع ۾ 2130 پاڪستاني قيدين کي سعودي جيلن مان آزاد ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 23 هزار 456 پاڪستاني مختلف ملڪن جي جيلن ۾ قيد آهن جن ۾ سڀ کان وڌيڪ پاڪستاني نار ملڪن جي جيلن ۾ آهن جڏهن ته سعودي عرب ۾ ٻارنهن هزار 156، گڏيل عرب امارتن ۾ پنج هزار ٻه سئو ٻيانوي، يونان ۾ 811 ۽ قطر ۾ 338 پاڪستاني قيد آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.