ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ اِن انڊيا ( بي سي سي آءِ ) طرفان روهت شرما کي چيمپيئنز ٽرافي جي تقريب ۾ شرڪت نه ڪرڻ واري مبينا فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما جي پاڪستان ۾ روايتي ڪپتانن جي فوٽو شوٽ ۽ پري ايونٽ پريس ڪانفرنس ۾ شرڪت جو امڪان هو.
پي سي بي جي هڪ عهديدار ڀارتي ڪپتان کي چيمپيئنز ٽرافي جي افتتاحي تقريب ۾ پاڪستان نه موڪلڻ واري مبينا فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
ٻئي پاسي بي سي سي آءِ روهت شرما کي پاڪستان موڪلڻ کان انڪار ڪيو آهي نه ئي سندس سفر جي تصديق ڪئي آهي.
هوڏانهن اهڙيون خبرون پڻ سامهون آيون آهن ته ڀارت چيمپيئنز ٽرافي ۾ پنهنجي جرسيءَ تي ميزبان ملڪ( پاڪستان) جو نالو نه ٿو ڇاپڻ چاهي.
پي سي بي عهديدار اهڙين خبرن تي مايوسيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته بي سي سي آءِ ڪرڪيٽ ۾ سياست کي شامل ڪري راند کي نقصان رسائي رهيو آهي.
پي سي بي عهديدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته هو پراميد آهن ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ائين ٿيڻ نه ڏيندي ۽ پاڪستان جي حمايت ڪندي.
You might also like