دبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جو نالو شعيب ملڪ سان عليحدگي کانپوءِ ڪرڪٽر محمد شامي سان جوڙيو ويو پر هاڻي دبئي جي ارب پتي ڪاروباري شخصيت عادل ساجن سان سندس خاص لاڳاپن بابت خبرون گردش ڪري رهيون آهن.
ان ڏس ۾ ثانيا مرزا هڪ بيان ۾ چيو هو ته عادل ساجن بهترين ڪم ڪيو ۽ سندس گهر جي آئوٽ ڊور اسپيس کي سندس لاءِ خاص جاءِ بڻائي ڇڏيو آهي، جهڙوڪ ٻارن لاءِ کيڏڻ واري جاءِ، انٽرٽينمينٽ ايريا ۽ ”مي ٽائيم“ لاءِ بهترين ڪارنرز چونڊيا ويا آهن.
عادل ساجن ڪير آهي؟
عادل ساجن دبئي جي مشهور”دانوب گروپ“ بزنس گروپ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ڀارتي ارب پتي واپاري رضوان ساجن جو پٽ آهي، سندس مجموعي اثاثن جو ماليت 1600 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي ۽ ڪيترن ئي ليگزري گاڏين جو مالڪ آهي.
عادل ساجن 2024 ۾ طلاق کان اڳ ثانيا مرزا ۽ شعيب ملڪ جي ويجهو رهيو آهي ۽ عادل ساجن جي ڪمپني ٽينس جا ڪيترائي مقابلا پڻ اسپانسر ڪندي آهي.
ان کانسواءِ عادل ساجن بالي ووڊ انڊسٽري سان پڻ واڳيل آهي، دانوب گروپ دبئي ۾ فلم فيئر ايوراڊز کي اسپانسر ڪري چڪو آهي.
ياد رهي ته اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪٽر شعيب ملڪ ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا 2010 ۾ شادي ڪئي هئي.
ثانيا مرزا ۽ شعيب ملڪ جي عليحدگي کان پوءِ شعيب ملڪ پاڪستاني اداڪارا ثنا جاويد سان شادي ڪئي جڏهن ته محمد شامي ۽ ثانيا مرزا جي لاڳاپن ۽ شاديءَ جون خبرون به سامهون آيون هيون ، جن کي ثانيا جي ڪٽنب طرفان سختي سان رد ڪيو هو.
You might also like