سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي نه ٿيڻ تي شهري سپريم ڪورٽ پهچي ويو

اسلام آباد( بيورو+م ڊ )سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي نه ٿيڻ تي شهري سپريم ڪورٽ پهچي ويو، شهري چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽  رجسٽرار خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ڪيترن ئي حڪمن باوجود درخواست تي ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته شهري ۽ سندس گهرواري گذريل 28 سالن کان قبضا مافيا کان پريشان آهن، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر سميت ٻيا عملدار مافيا سان مليل آهن، درخواستگذار سرڪاري آفيسرن کان رشوت جي به گهر ڪئي آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي حڪم جاري ڪري ته درخواست تي جلد فيصلو ڪيو وڃي. شهرين طرفان داخل درخواست ۾ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ رجسٽرار کي ڌر بڻايو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.