انسٽاگرام طرفان ”ايڊٽس“ نالي هڪ نئين ايپ متعارف ڪرائي وئي آهي جيڪا وڊيو ايڊيٽنگ ۾ مدد فراهم ڪندي.
انسٽاگرام جي سربراهه ايڊم موسيري ٿريڊز تي هڪ وڊيو پوسٽ ڪندي ٻڌايو ته ايڊٽس هڪ مفت وڊيو ايڊيٽنگ ايپ آهي جيڪا ڪيترن ئي ٽولز سان ليس آهي.
هن چيو ته ايپ ۾ هڪ ٽيب ”انسپائريشن“ لاءِ مختص ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻي ٽيب ابتدائي خيالن کي ٽريڪ ڪرڻ لاءِ ٺهيل آهي.
ايڊم موسيري موجب، ايپ جو معياري ڪيمرا اعليٰ معيار جون وڊيوز رڪارڊ ڪري ٿو ۽ ان ۾ سڀئي ايڊيٽنگ ٽولز پڻ موجود آهن.
هن اهو به ٻڌايو ته هي ايپ فيبروري ۾ واهپيدارن لاءِ موجود هوندي. في الحال اها آءِ او ايس ايپ اسٽور ۾ پري آرڊر تي دستياب آهي ۽ جلد ئي اينڊرائيڊ ڊيوائيسز لاءِ به مهيا ڪئي ويندي.
ايپ جي ورزن بابت ايڊم موسيري چيو ته اهو مڪمل نه هوندو ۽ واهپيدارن کي ڪجهه صبر سان ڪم وٺڻو پوندو.
ايپ ۾ واهپيدار 10 منٽن تائين وڊيو رڪارڊ ڪري سگهندا ۽ پوءِ مختلف ٽولز، فلٽرز، ۽ افيڪٽس استعمال ڪندي ان کي ايڊِٽ ڪري سگهندا.
وڊيوز مان بيڪ گرائونڊ شور ختم ڪرڻ لاءِ هڪ آڊيو فيچر ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جا فيچرز به ايپ جو حصو هوندا.
ايڊم موسيري ٽِڪ ٽاڪ جو ذڪر ته نه ڪيو پر ان وڊيو شيئرنگ ايپ تي پابندي بابت دٻيل لفظن ۾ اشارو ڏنو.
هن چيو ته دنيا ۾ هن وقت گهڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ اسان جي ايپ رڳو انسٽاگرام وڊيوز لاءِ نه پر ٻين پليٽ فارمز لاءِ به آهي.
Next Post
You might also like