اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاسپورٽ ٺهرائيندرن لاءِ فاسٽ ٽريڪ ڪيٽيگري سهولت بابت وڏي خوشخبري اچي وئي.
شهرين کي وقت سر پاسپورٽ جي فراهمي لاءِ ڊي جي پاسپورٽس جو اهم قدم سامهون اچي ويو، فاسٽ ٽريڪ ڪيٽيگري سهولت جو دائرو وڌيڪ 26 شهرن تائين وڌايو ويو آهي.
ان حوالي سان ڊائريڪٽوريٽ آف اميگريشن اينڊ پاسپورٽس طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هاڻي شهري 47 شهرن مان فاسٽ ٽريڪ ڪيٽيگري پاسپورٽ ٺهرائي سگهن ٿا.
انهن شهرن ۾ اٽڪ، چڪوال، سرگوڌا، حافظ آباد، ميانوالي، ڀڪر، ڪوهاٽ، صوابي، سوات، ڊي آءِ خان، بنون، هنگو، ايبٽ آباد ۽ هري پور، مظفرآباد، ميرپور، باغ، ڪوٽلي، راولا ڪوٽ شامل آهن.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ اها سهولت اڳ ۾ ئي موجود هئي.
ٻئي طرف ڪراچي کانپوءِ لاهور ۾ پڻ 3 نادرا ميگا سينٽرز ۾ پاسپورٽ ڪائونٽر قائم ڪيا ويا آهن، جتي شهري سڄو هفتو 24 ڪلاڪ پاسپورٽ سروس حاصل ڪري سگهن ٿا.
ڊي جي اميگريشن جو چوڻ آهي ته پاسپورٽ سروسز جي فراهمي جو دائرو ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڌايو ويندو.
You might also like