ون ويلنگ ڪندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ون ويلنگ ڪندڙ هوشيار ٿي وڃن، ڇو ته هاڻ انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيندي.
اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب چيف ٽريفڪ آفيسر محمد سرفراز ورڪ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايس پي ٽريفڪ، سمورن ڊي ايس پيز، محررن ۽ بيٽ انسپيڪٽرز شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ چيف ٽريفڪ آفيسر هدايت ڪئي ته ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، ون ويلنگ ۽ ريسنگ ڪندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي.
هن چيو ته سنگين ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪندي آگاهي ڪلاسن جو اهتمام ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.