ڪراچي پوليس گهرن ۾ ملازمائون رکندڙ شهرين کي خبردار ڪري ڇڏيو!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس ڪرمنل رڪارڊ رکندڙ 110 گهريلو ملازمائن کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو، انهن منظم انداز ۾ وارداتون ڪيون هيون.
ڪراچي ۾ چوري ۽ ڦر جي وارداتن ۾ ملوث 110 گهريلو ملازمائن جي فهرست جاري ڪئي وئي.
ڪراچي پوليس ڪرمنل رڪارڊ رکندڙ 110 گهريلو ملازمائن کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو، فهرست ۾ مختلف ڪيسن ۾ گرفتار ملازمائن جون تصويرون، موبائل فون نمبر ۽ پتو موجود آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته گهريلو ملازمائن منظم انداز ۾ وارداتون ڪيون هيون، جڏهن ته ڪيترين ئي ملازمائن کي پوليس ويريفڪيشن جي بنا رکيو ويو هو.
پوليس شهرين کي درخواست ڪئي آهي ته ڪرمنل رڪارڊ رکندڙ انهن ملازمائن کي ڪم تي نه رکيو وڃي، جڏهن ته ڪنهن به ملازمه کي رکڻ کان اڳ ٿاڻي تي داخلا ضرور ڪرائي وڃي ته جيئن ڪو به واقعو پيش اچڻ جي صورت ۾ پڪڙ ۾ آساني ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.