اسلام آباد(منصور علي خان)نئين چونڊيل آمريڪي صدر جي اڄ حلف برداري تقريب لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن کي به دعوت ناما ملي ويا آهن،ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ اڳوڻي صدر عارف علوي تقريب ۾ شرڪت کان معذرت ڪري ڇڏي آهي،جڏهن ته اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري،ميجر(ر)طاهر صادق،سجاد برڪي،عاطف خان،جنيد بشير،عمران خان جو اڳوڻو ويجهو ساٿي ۽ پي ٽي آءِ مان نيڪالي ڏنل سلمان احمد به شرڪت ڪندو،ان کان علاوه پي ٽي آءِ جا ٻه همدرد ڊاڪٽر عثمان ملڪ ۽ ڊاڪٽر سارا بلال به شريڪ ٿيندا،ٽيڪساس ۾رهندڙ آئل ٽائيڪون ڊاڪٽر جاويد انور به تقريب ۾ شرڪت ڪندو هن ٽرمپ جي چونڊ مهم لاءِ لکين ڊالر عطيو ڪيا هئا،هن کي اڳوڻو آمريڪي صدر جارج بش ”ڊيڊي“ڪوٺيندو آهي،جاويد انور اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي به انتهائي ويجهو آهي،هن نمل يونيورسٽي لاءِ وڏي رقم عطيو ڪئي هئي،ان کان اڳ صحافي نصرت جاويد ٽوئيٽ ڪئي آهي ته گهڻا ماڻهو تقريب کان اڳ واري تقريب ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن،گهڻا ئي ماڻهو حلف برداري تقريب ۾ شريڪ نه پيا ٿين،جنهن ۾ هن جو اشارو سلمان احمد ڏانهن به آهي،جڏهن ته عمران خان جي عالمي معاملن بابت مشير عاطف خان جو چوڻ آهي ته اسان جڏهن به ريپبليڪنز يا ڊيموڪريٽس ڪانگريس ميمبرن سان ملاقات ڪئي آهي ان ۾ کين چيو آهي ته پاڪستان ۾ جيڪي انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ۽ قانون جي حڪمراني خلاف قدم کڄي رهيا آهن انهن تي توهان خاموش نه رهو،جيڪڏهن پاڪستان ۾ اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿئي ٿي جهڙي طرح ٻين ملڪن جي اختيارين تي ويزا تي پابندي لڳي ٿي ته پاڪستان لاءِ توهان ايئن ڪريو،اها غيرملڪي مداخلت ناهي،هن چيو ته اسان جي ڳالهين تي بائيڊن انتظاميا خاموش هئي، جنهن پاڪستاني رجيم کي فري هينڊ ڏئي رکيو هو،هاڻي اسان کي ٽرمپ انتظاميا پاران اميد ڏني وئي آهي ته ٽرمپ انتظاميا انهن ڳالهين تي خاموش نه رهندي،اسان کي اميد آهي ته پاڪستان ۾ سويلين بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني سان عمران خان جا سمورا سياسي ڪيس ختم ٿي ويندا ۽ هو آزاد ٿي ويندو،ٻئي پاسي روزاني جنگ پاڪستاني اخبارن ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جي هڪ پريس رليز هلائي وئي جنهن ۾ 190 ملين پائونڊ ڪيس فيصلي جي آجيان ڪئي وئي پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ٻئي ڏينهن پاڪستان بار ڪائونسل پنهنجي بيان ۾ چيو ته اخبارن ۾ جيڪو بيان شايع ٿيو آهي اهو جعلي آهي،اسان پاران ان فيصلي جي اهڙي ڪا به آجيان ناهي ڪئي وئي.