ڪراچي (رپورٽر) ڪي اليڪٽرڪ جي ايڪسٽرا هاءِ ٽينشن لائين ٽرپ ٿيڻ سبب ڪيتريون ئي گرڊ اسٽيشنون ٽرپ ٿي ويون، جنهن سبب شهر جي وڏي حصي ۾ بجلي فراهمي بند ٿي وئي. صبح يارهين وڳي 23 گرڊ اسٽيشنن تي 400 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب وڏو وڏي حصي ۾ فراهمي معطل ٿي وئي. ٽرپنگ سبب ڪورنگي، لياري، کارادر، ڊفينس، آءِ آءِ چندريگر روڊ، پي اي سي ايڇ ايس، صدر، سائيٽ ايريا، نارٿ ڪراچي ۽ نارٿ ناظم آباد ۾ بجلي معطل ٿي وئي. ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ هو ته ڪجهه علائقن مان بجلي جي لوڊشيڊنگ جون شڪايتون مليون، ننڍي ٽيڪنيڪل خرابي کي فوري ٺيڪ ڪيو ويو. بجلي فراهمي معمول تي آهي، لسبيلا ۽ بلديه ۾ فراهمي مڪمل بحال ٿيڻ ۾ وقت لڳندو.