حيدرآباد (رپورٽر) لطيف آباد يونٽ نمبر 8 بلاڪ سي ھڪ ۾ ھڪ بنگلي مان 35 ورهين جي علي نواز سميجو جو ھٿ پير ٻڌل ۽ گھٽا ڏنل لاش هٿ آيو. پوليس موجب، مقتول بنگلي ۾ چوڪيدار طور ڪم ڪري رهيو هو ۽ گھر مالڪ عبداللطيف پنهنجي خاندان سان گڏ عمري جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب ويل آهي. پاڙيسرين جي اطلاع تي پوليس پهچي شاهديون گڏ ڪيون ۽ لاش کي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ مختلف رخن کان جاري آهي ۽ چوڪيدار جي قتل جي ڪري واردات جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي. گھر ۾ لڳل سي سي ٽي وي بند حالت ۾ ملي آهي، جڏهن ته مقتول جو تعلق عمرڪوٽ جي ڳوٺ جمال جي ڍاڻي سان هو. واقعي جي خبر تي گھر مالڪ جو پٽ ماجد گھر پهتو ۽ گھر جي تلاشي ورتي، پر هن کي گھر ۾ پيل سامان جي ڄاڻ نه هئي. پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي ته واردات دوران ڪهڙو سامان چوري ٿيو ۽ جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي سگهي.