حماس ۽ اسرائيل ۾ ٿيل امن معاهدو جٽاندار ثابت ٿيندو؟

تحرير: غلام مصطفيٰ شاهه

لڳ ڀڳ پندرنهن مهينن کان هلندڙ جنگ جنهن ۾ اسرائيل کي ڏينھن جا تارا ڏيکاريندڙ فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس جي رضامندي سان امن معاهدو ٿيڻ جون ڳالهيون ڪامياب ٿي ويوآهن.  ڪجهه ڏينھن پهريان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو معاهدي لاءِ حماس جي ها ڪرڻ جي انتظار ۾ هو پر حماس تمام گهڻي سوچ ويچار بعد ئي ها جي صورت ۾ جواب ڏنو ۽ معاهدو ٿيڻ جي ويجهو پهتو.

ست آڪٽوبر 2023ع کان شروع ٿيندڙ اها جنگ جنهن اسرائيل کي گوڏا کوڙائي ڇڏيا، آمريڪا جنگ شروع ٿيڻ کان  ڪجهه مهينن کان پوءِ ئي سمجهي چڪو هو ته اسرائيل لاءِ اها جنگ ڪو به لاڀ  نه ڏئي سگهندي ۽ ڳالهين جي ذريعي مسئلي کي حل ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. ان معاهدي جون خبرون جڏهن ميڊيا تي اچڻ شروع ٿيون ته غزا ۾ ماڻهن خوشيءَ جو اظهار ڪيو. ان معاهدي جو اعلان قطر جي وزير اعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني دوحا  ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو.

آمريڪا، مصر ۽ قطر ان معاهدي جي نگراني ڪندا. عرب ميڊيا مطابق سيز فائر جي پهرين اهم مرحلي ۾ ڇهن هفتن تائين فائر بندي هوندي انهن ڇهن هفتن جي دوران فلسطين اسرائيل جا 33 قيدي آزاد ڪندو جڏهن ته اسرائيل وري 250 قيدين کي آزاد ڪري فلسطين جي حوالي ڪندو. قيدين جي آزادي کان پوءِ وري اسرائيلي فوج غزا مان آهستي آهستي نڪرڻ شروع ڪندي ۽ پنهنجي سرحدن تائين محدود رهندي ۽ اسرائيل زخمي فلسطينين کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيندو، اسرائيل مصر جي سرحد کوليندو ۽ 600 ٽرڪن کي فلسطين اچڻ جي اجازت ڏيندو انهيءَ ٽرڪن ۾ کاڌ خوراڪ، گرم ڪپڙا ۽ دوائون وغيره شامل هونديون.

امن معاهدي کانپوءِ اسرائيل جو اهو پڻ چوڻ آهي ته جيڪي اسرائيلي يرغمال آهن انهن مان  ڪجهه مري چڪا آھن. جنگبندي جي سورهين ڏينهن اسرائيل ۽ حماس ۾ ٻيهر ڳالهايون طئي ڪيون وينديون جن ۾ اهم مسئلو قيدين جي آزادي هوندي. معاهدي ۾ اهو پڻ طئي ڪيو ويو آهي ته بي گهر فلسطينين کي ڏکڻ غزا کان اچڻ جي اجازت هوندي پر سخت جاچ پڙتال کانپوءِ ۽ هٿيار کڻي وڃڻ تي مڪمل پابندي هوندي. جنگ جي ٻئي فيز ۾ اسرائيل فوجي مردن کي فلسطيني حڪومت واپس ڪندي ۽ مري ويلن جا لاش پڻ اسرائيل جي حوالي ڪيا ويندا.

اسرائيل جو چوڻ آهي ته قيدين ۾ جن ست آڪٽوبر تي اسرائيل تي حملو ڪيو هو انهن کي آزادي نه ملندي. اسرائيلي اختيارين جو چوڻ هو ته جيستائين حماس سڀني اسرائيلي قيدين کي آزاد  نه ڪندو تيستائين اسرائيلي فوج غزا کي خالي  نه ڪندي. ٽئين مرحلي ۾ غزا ۾ جيڪي تباھ حال عمارتون آهن انهن جي تعمير ۽  ڪجهه نوان گهر پڻ ٺاهڻ جو منصوبو آهي، ماهرن مطابق ته گهرن جي نئين اڏاوت ۾ ڪافي سال لڳي سگهن ٿا ڇو ته غزا تقريبن تباهيءَ جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. اسرائيل، آمريڪا ۽ متحده عرب امارات سان گڏجي غزا ۾ هڪ نئين عارضي حڪومت ٺاهڻ جو منصوبو جوڙي رهي آهي ڇو ته حماس سندس سخت گير مخالف آهي. حماس مطابق ته انهن کي ان ڳالهه تي شڪ پڻ ٿي رهيو آهي ته ڪٿي اسرائيل پنهنجي ڳالهين تان ڦري نه وڃي ۽ معاهدو ٽٽي  نه وڃي. مٿي ذڪر ڪيل معاهدي ۾ اسرائيل جا  ڪجهه شرط قبول ڪرڻ جوڳا نٿا لڳن ڇاڪاڻ ته اسرائيلي حڪومت چوي ٿي ته کين زندہ يا مرده فوجين جا لاش واپس ڪيا وڃن، حماس اختيارين جو چوڻ آهي ته جيڪي نالا ڏنا ويا آهن انهن مان ڪافي فوجين جو سندن وٽ ڪوبه رڪارڊ موجود  نه آهي.

حماس جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اهو معاهدو فلسطينين جي ثابت قدم رهڻ جي ڪري ٿيو آهي، حماس جي مقامي رهنما خليل الحيا جو چوڻ هو ته مسلسل 15 مهينن جي تڪليف جيڪا مظلوم فلسطيني عوام برداشت ڪئي آهي اسان ان لاءِ ڪڏهن به ڪنهن کي معاف  نه ڪنداسين  نه ئي انهن تڪليفن کي وساري سگهنداسين. ياد رهي ته ان جنگ جي دوران فلسطين جي ٻه سئو کان وڌيڪ صحافين کي پڻ شهيد ڪيو ويو، اسرائيل جا لڳ ڀڳ 300 ماڻھو مارجي ويا ۽ فلسطين جي عام ماڻهن جو تعداد جيڪي انهيءَ جنگ ۾ شهيد ٿيا آهن انهن جو تعداد46640 جي لڳ ڀڳ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.