معاشي حالتون ۽ اجايا خرچ

تحرير: منظور کوسو

فيڊرل بورڊ آف ريوينيو ڄاڻايو آهي ته ڊسمبر 2024 تائين 97سيڪڙو ٽئڪس عوام کان وصول ڪري حڪومتي خزاني ۾ جمع ڪئي وئي آهي ۽ هن خزاني کي عرف عام ۾ قومي خزانو پڻ چيو وڃي ٿو.جڏهن ته 31ڊسمبر 2024 تائين آئي ايم ايف جي شرطن موجب ٽئڪس اوڳاڙي جو هدف 6.009ٽريلين مقرر هو.وطن عزيز ۾ مختلف قسمن جا ٽئڪس عوام کان وصول ڪيا وڃن ٿا جنهن ۾ جنرل سيلز ٽئڪس،انڪم ٽئڪس،فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي۽ ڪسٽم ڊيوٽي وغيره شامل آهن.

ايف بي آر جي پڌرائي موجب ملڪ ۾ فقط 45لک فائلر آهن.جي ڏٺو وڃي ته فائلر ۽ نان فائلر جي گردان اجائي آهي درحقيقت ملڪ جو هر باشندو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ٽئڪس ادا ڪري ٿو.هڪ عام مزدور کي ئي ڏسو ماچس جي دٻي،کير،بسڪوٽ,کاڌي پيتي جي شين،موٽربائيڪ  لاءِ پئٽرول جي خريداري،گئس ۽ بجلي جي بلن جي ادائگين مطلب ته روزمره جي استعمال جي شايد ئي ڪاشيء اهڙي هجي جنهن تي هو جي ايس ٽي(هي ٽئڪس 1948 ۾ هڪ ايڪٽ ذريعي عوام جي ڳچيء ۾ وڌي وئي ۽ 1952 ۾ ان کي مستقل طور وفاق ڏانهن منتقل ڪيو ويو)يا ان قسم جا ڪي ٻيا ٽئڪس ادا نه ڪندو هجي.

ملڪ جو سڄو عوام ٽئڪس جي چڪي ۾ پيو پسجي فقط اشرافيه موجن ۾ آهي.اربين روپين جون ملڪيتون ۽ جهجهو ڪارو ڌن رکندڙ سيٺين کي ته اڃان تائين سرڪار مڪمل ٽئڪس نيٽ ۾ آڻي نه سگهي آهي.ٽئڪس جو گهڻو بار عام ماڻهو تي آهي واپاري حضرات به ڪو پنهنجي کيسي مان ٽئڪس ادا ڪونه ٿا ڪن هو به اهو بار خريدارن مان نچوڙي ڪڍن ٿا.مارڪيٽ ۾ اگهن جي check & balance نه هئڻ ڪري اها هٿرادو مهانگائي جي آفت به خريدارن جي ڳچيءَ ۾ آهي.ايف بي آر جي انگن اکرن موجب ٽئڪس ادائگين ۾ ملڪ جو ٽئين نمبر تي وڏو شعبو پگهاردار طبقو آهي.پگهاردار طبقي کان سال 2023-2024 دوران 368ارب روپيا ٽئڪس وصول ڪئي وئي جيڪا 2022-2023 جي مقابلي ۾ 103ارب74ڪروڙ روپيا وڌيڪ آهي يعني هڪ سال ۾ پگهاردار طبقي تي 39.3 في سيڪڙو وڌيڪ ٽئڪس جو ٻوجھ وڌو ويو ۽ حڪومت  لاءِ به ملازمن کان ٽئڪس وصولي سڀ کان آسان آهي جنهن ڪري عالمي مالياتي اداري جا شرط پورا ڪرڻ  لاءِ هرڀيري ٽئڪس جو بار ملازمن مٿان ڦٽو ڪيو وڃي ٿو.ملازمن کي بجيٽ ۾ معمولي رليف ڏئي ٻئي طرف ٽئڪس وڌايو ڇڏين حساب مڙيوئي برابر!عالمي بئنڪ جي تازي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ غربت جي شرح گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 7سيڪڙو وڌي 25.3سيڪڙو تائين پهتي آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي هڪ پڌرائي موجب ته ملڪ جو قرض ٽوٽل  جي ڊي پي(مجموعي گهريلو پيداوار)جو 65 سيڪڙو تائين اچي پهتو آهي جنهن ۾ هرسال 10سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي. هر پاڪستاني ٻار بي سبب يعني بنا کاڌي پيتي ٽي لک ٻه هزار جو قرضي بڻجي چڪو آهي!! مفلسي، بک،بيماريون،بيروزگاري، ماڻهو ذريعه معاش  لاءِ پريشان،بنيادي سهولتن جي اڻهوند، پهاڙن جيڏا اندروني ۽ بيروني قرض تنهن  کانسواءِ. اهو سڀ ڪجههه هوندي به سرڪار جي شاهه خرچين ۾ ڪا ڪمي نه ٿي ٿئي هڪ تازي خبر موجب ايف بي آر ڇهه ارب روپين جي ماليت جون 1010 نيون گاڏيون خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اهي گاڏيون فيلڊ ۾ وڃي ٽئڪس وصول ڪرڻ  لاءِ آفيسرن کي ڏنيون وينديون جيئن وڌ کان وڌ ٽئڪس وصول ڪري سگهجي.هڪ طرف حڪومت خرچ گهٽائڻ  لاءِ ڏيڍ لک اساميون ختم ڪري رهي آهي،کاتا ضم ڪرڻ،نجڪاري ڪرڻ ۽ رائيٽ سائيزنگ جي پاليسي تي عمل پيرا آهي ته ٻئي طرف وري ايف بي آر کي 1010 نيون گاڏيون گهرجن!!آهي نه حيرت جوڳي  ڳالهه هڪ مقروض ملڪ جتي لکين ٻارڙا رات جو بکيا سمهندا هجن،لکين تعليم،صحت ۽ ڇت جي سهولتن کان محروم هجن،بيروزگاري نوجوانن کي نفسياتي مريض بڻائي ڇڏيو هجي ۽ عالمي مالياتي اداري جي قرضن  کانسواءِ ملڪي بجيٽ تيار ٿي نه سگهي وري ان جي شرطن جي پورائي  لاءِ عوام تي ٽئڪس مٿان ٽئڪس،ڇا اهي حالتون  شاهه خرچي جي اجازت ڏين ٿيون؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.