ڊاڪٽر اي ڪيو خان اسڪول سسٽم اينڊ ڪاليج ابراهيم ڪئمپس پاران اسڪالرشپ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊاڪٽر عبدالقدير خان (محسن پاڪستان) جو مشن، ڊاڪٽر اي ڪيو خان اسڪول سسٽم اينڊ ڪاليج ابراهيم ڪيمپس اسلام آباد طرفان اسڪالرشپ پروگرام سنڌ 2025 جو اعلان ڪيو ويو آھي.
ڇهين، ستين، اٺين ۽ نائين ڪلاسز جي داخلائن لاءِ درخواست ڏيڻ جي آخري تاريخ 15 جنوري 2025 آهي، داخلا جي اهليت ۾ اسڪول جي سطح تي پنجون، ڇهون، ستون ۽ اٺون ڪلاس پاس يا ريگيولر، پبلڪ ۽ سرڪاري اسڪولن جا سمورا شاگرد اهل آهن، جڏهن ته عمر جي حد 12 کان 16 سال آهي.
سليڪشن جو طريقيڪار ايڊميشن اوپن ميرٽ جي بنياد تي آهي، اسڪالرشپ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر زاهد محمود جو چوڻ آهي ته شاگردن کي ٽيسٽ/انٽرويو ٻنهي مرحلن مان گذرڻو پوندو، لکت ۾ امتحان سنڌ بورڊ/آڪسفورڊ جي سليبس مان ٿيندو.
هن ٻڌايو ته ٽيسٽ گائيڊ لائن ويب سائيٽ تان ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿي، ٽيسٽ سينٽرن ۾ سکر، خيرپور،گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، شڪارپور، شهدادڪوٽ، شهيد بينظير آباد، نوشهروفيروز، ميرپورخاص، عمر ڪوٽ، مٺي، حيدرآباد شامل آهن.
ايڊميشن فارم ۽ بينڪ تفصيل www.Aqkicamps.com تان ڊائون لوڊ ڪري سگهجن ٿا، ٽيسٽ فيس 1000 رپيا NBP, UBL,HBL,Al FALAh بينڪ جي ڪنهن به برانچ ۾ آن لائن جمع ڪرائي اصل رسيد ايڊميشن فارم سان گڏ ڏنل ايڊريس تي اماڻي وڃي.
ادارو تعليمي سرگرمين تي ايندڙ سمورا خرچ جهڙوڪ ايڊميشن فيس، ماهوار فيس، رجسٽريشن فيس، سالياني فيس) پاڻ برداشت ڪندو، جڏهن ته هاسٽل سروسز جا خرچ والدين برداشت ڪندا، چونڊيل شاگردن کي ڪتاب ادارو مفت فراهم ڪندو، پتو ڪورنگ ٽائون ايڪسٽينشن نزد PWD هائوسنگ سوسائٽي اسلام آباد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.