ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ليکڪ ۽ هدايتڪار خليل الرحمان قمر جو چوڻ آهي ته ماهرا خان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو.
ڊراما رائيٽر خليل الرحمان قمر ۽ ماهرا خان وچ ۾ جھيڙو ان شروع جڏهن 2020ع ۾ هڪ شو دوران خليل الرحمان سماجي اڳواڻ ماروي سرمد لاءِ گٿا لفظ استعمال ڪيا هئا ، جنهن کانپوءِ ماهرا خان خليل الرحمان قمر کي هڪ ٽوئيٽ ذريعي تنقيد جو نشانو بڻايو هو.
ان کانپوءِ خليل الرحمان قمر به مختلف موقعن تي ماهران خان خلاف پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندو رهيو آهي.
ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويوءَ دوران خليل الرحمان قمر پنهنجي ڊرامي ۾ ماهرا خان کي ڪاسٽ ڪرڻ کي گناهه قرار ڏنو، جڏهن ته 2024 ۾ هن پنهنجي لکيل فلم ۾ ماهرا خان کي ڪاسٽ ڪرڻ جو انڪشاف پڻ ڪيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، خليل الرحمان جي لکيل فلم ”مرزا جٽ“ ۾ ماهرا خان، همايون سعيد سميت ٻين ناليوارن اداڪارن سان گڏ نظر ايندو.
پنهنجي لکيل فلم ۽ ان جي ڪاسٽ ۾ شامل ماهرا خان بابت خليل الرحمان قمر جو چوڻ هو ته ”مان چاهيان ٿو ته ماهرا منهنجي فلم جي ڪردار ۾ فٽ ٿي وڃي، پر هن لاءِ ڪائي معافي ناهي، نه ئي مان ساڻس ڪڏهن ڳالهائيندس.“
هڪ سوال جي جواب ۾ خليل الرحمان قمر چيو ته”منهنجو مسئلو اِهو آهي ته جيڪي عورتون آهن، اهي هميشه انهيءَ جاءِ تي نظر اچن.“
You might also like