ڪراچي ۾ ٿڌ وڌندي، اترين ضلعن ۾ برسات جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ اولهندي هوائن جي سسٽم جي تحت ٿڌ جي شدت ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسمياتي ماهرن ڪراچي سميت صوبي جي مختلف شهرن ۾ 24 جنوري کان ٿڌ جي شدت ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪندي چيو آهي ته جنوريءَ جي آخري هفتي دوران شهر ۾ گرمي پد سنگل ڊجيٽ ۾ وڃي سگهي ٿو.
ماهرن موجب، اولهندي هوائن جو سلسلو اڄ کان ملڪ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، جنهن سبب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي.
موسمياتي ماهرن موجب، اولهندي هوائن جو سلسلو 23 جنوري تائين ملڪ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو.
ان سسٽم تحت 21 کان 23 جنوري تائين سکر، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي ۽ ٻين جاين تي هلڪي برسات جڏهن ته صوبي جي ٻين علائقن ۾ موسم جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.