راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوَ مئي تي جنرل هيڊ ڪوارٽر ( جِي ايڇ ڪيو ) تي حملي واري ڪيس ۾ هڪ نئين شاهد جو بيان رڪارڊ ڪري ورتو.
راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه نوَ مئي 2023ع تي جي ايڇ ڪيو تي حملي واري ڪيس جي اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ وڪيل ڊاڪٽر بابر اعواڻ ۽ محمد فيصل ملڪ به عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران فريادي ڌر جي وڌيڪ هڪ شاهد پوليس اَي ايس آءِ نور جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن عدالت ۾ جوابدارن وٽان هٿ آيل ڏنڊا، جهنڊا، لائٽر، ماچيس پيش ڪيا.
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان سميت شيخ رشيد، شيخ راشد شفيق، شهريار آفريدي ۽ محمد بشارت راجا سميت ٻيا جوابدار پڻ عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻئي پاسي جوابدار مسرت جمشيد چيمه جي وڪيل علي عمران کي اڄوڪي ٻڌڻي دوران داخلا جي اجازت نه ملي.
عدالت وڪيل علي عمران طرفان ساٿي وڪيلن جي غير مشروط معافي جي زباني درخواست پڻ رد ڪري ڇڏي.
عدالت حڪم ڏنو ته وڪيل علي عمران پهريان عدالت جي نوٽيس جو لکت ۾ جواب ڏئي، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 22 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like