رِنڪو جي پارليامينٽ ميمبر سان مڱڻي جي خبرن ڀارت ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽر رِنڪو سنگهه سان سماج وادي پارٽي جي پارليامينٽ ميمبر پريه سروج جي مڱڻي وارن افواهن تي سندس پيءُ خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارتي ڪرڪيٽر رِنڪو سنگهه ايم پي پريه سروج سان مڱڻي جا افواهه گردش ڪري رهيا هئا، پر سندس پيءُ طوفاني سروج نئون پنڊورا باڪس کوليندي اهڙي قسم جون خبرون رد ڪري ڇڏيون آهن.
نوجوان پارليامينٽ ميمبر پريه سروج جي پيءُ جو چوڻ آهي ڪرڪيٽر جي ڪٽنب طرفان شاديءَ جي آڇ آئي آهي پر اڃا ڳالهيون شروعاتي مرحلي ۾ آهن، جڏهن ته مڱڻي واريون خبرون بي بنياد آهن.
ان کان اڳ خبرون سامهون آيون هيون ته 25 ورهين جي پارليامينٽ ميمبر ڀارتي ڪرڪيٽر سان مڱڻو ڪري ڇڏيو آهي.
ياد رهي ته پريه سروج 2024ع ۾ لوڪ سڀا چونڊن دوران سماج وادي پارٽي جي ٽڪيٽ تي اترپرديش ۾ مان ڪاميابي ماڻي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.