ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي باني کي قومي ترانو پڙهڻ جي اجازت لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت چيو ته درخواست ۾ استدعا ڇا جي آهي؟، درخواستگذار جي وڪيل خورشيد خان چيو ته ايم ڪيو ايم جي باني مٿان ميڊيا تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي، ايم ڪيو ايم باني ميڊيا تي قوم سان گڏ قومي ترانو پڙهڻ چاهي ٿو، چيف جسٽس چيو ته توهان جي درخواست ته 14 آگسٽ 2024 لاءِ هئي، ڇا اها درخواست غير موثر نه ٿي آهي؟، درخواستگذار جي وڪيل چيو اسان درخواست ۾ ترميم ڪئي آهي، چيف جسٽس محمد شفيع صديقي چيو ته قومي ترانو پڙهڻ اوهان جو حق آهي، اهڙي حق کان ڪنهن انڪار ڪيو آهي؟، ان جو ڪو نوٽيفڪيشن يا آرڊر ڏيکاريو؟ وڪيل چيو ته پيمرا پاران نوٽيفڪيشن ذريعي ميڊيا تي بيان ۽ تصوير نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي آهي، پيمرا نوٽيفڪيشن مطابق لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي پيمرا پاران هدايتون جاري ڪيون ويون، شهري هئڻ ناتي توهان کي سمورا حق حاصل آهن، اسان لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم نامي خلاف ڪهڙي طرح فيصلو ڏئي سگهون ٿا؟، ان لاءِ اوهان کي لاهور ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ گهرجي، درخواست گذار سعديه قيصر چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستگذار پاران پنهنجي درخواست به واپس وٺي ڇڏي آهي، عدالت چيو ته جيڪڏهن ايئن آهي ته اوهان درخواست خارج ڪرائي ڇڏيو، عدالت درخواستگذار کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ درخواست جي موجوده حيثيت بابت تفصيل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مڌي تائئن ملتوي ڪري ڇڏي.