عمران خان جي سزا مڪافاتي عمل آهي: خواجا آصف

سيالڪوٽ(م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي سزا مڪافاتي عمل آهي،  190 ملين پائونڊ پاڪستاني عوام جا هئا، سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته ڪيس ۾ سڀ ڪجهه واضح ٿي ويو آهي، القادر يونيورسٽي جي نالي تي پئسا هڙپ ڪيا ويا آهن،

جڏهن ته هن يونيورسٽي جو وجود ئي ناهي، عمران خان تي شوڪت خانم اسپتال جا پئسا کائڻ جو به الزام آهي، هن چيو ته فيصلي سان ڳالهين تي اثر نه پوندو، پي ٽي آءِ پاڻ چئي چڪي آهي ته ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.