القادر ٽرسٽ ڪيس جي فيصلي کي مذهبي رنگ ڏيڻ بدقسمتي

اسلام آباد(اعزازسيد/فخردراني) وفاقي وزير قانون ميڊيا سان ڳالهائندي چيو آهي ته القادر ٽرسٽ ڪيس جي فيصلي خلاف پي ٽي آئي هائي ڪورٽ ۾ اپيل ڪندي ته اها استدعا آهي ته ان کي اسپيشل ٽريٽ نه ڪيو وڃي بلڪه جئين ٻين عام ڪيسن کي اڪلايو ويندوآهي تيئن کنيو وڃي.اعظم نذير تارڙ جو چوڻ هيو ته ائين نه  ٿئي ته هڪ ڏينهن اپيل ٿئي ته فورن ڪيس لسٽ ۾ اچي وڃي.(اعزاز سيد) اعظم نذير جي ڳاله پنهنجي جاءِ تي پر جڏهن ميان نوازشريف کي سزا آئي هئي ته ان کي به ٻاهر موڪليو ويو هيو کين اهڙي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي. فيصلي اچڻ کان پوءِ پي ٽي آئي بيانيو جوڙيو آهي ته عمران خان کي سيرت النبي صلعم پڙهائڻ جي ڪري سزا ڏني وئي آحي.معاملي کي مذهبي رنگ ڏنو پيو وڃي.هنن جي ان وقت ٽن صوبن ۾ حڪومت هئي ۽ اگر سيرت النبي صلعم پڙهائڻ جي ڳالهه هئي ته اهي سرڪاري سطح تي ڪوشش وٺن ها. هينئن ڪرپشن جي پيسي کي استعمال ڪندي ٽرسٽ بڻائي  ان معاملي کي وري مذهبي ٽچ ڏيڻ بدقسمتي آهي.ٻئي پاسي شاهد خاقان جي گهر تي محمود اچڪزئي ، اسد قيصر عمر ايوب، علاما ناصر سان ويهڪ ٿي آهي ته اسان کي گڏجي اتحاد ڪرڻ گهرجي ۽ آئين جي بالادستي لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. شاهدخاقان مٿان جڌهن نيب ڪيس ٺهيو ته اهي ساڳيا ئي ماڻهو کيس چور چوندا هئا ۽ اڄ جڏهن عمران خان کي سزا آئي آهي ته اهي سندس در تي پهتا آهن. اتي مان کانئن سوال ڪيو ته سڀ آئين جي بالادستي ته چاهيو ٿا پر ڇا فوج جو ڪردار سياست مان ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندئو ته سواءِ محمود اچڪزئي جي ڪو به ان تي چٽو نظر نه آيو.پي ٽي آئي دور ۾ مفتاح اسماعيل ۽ شاهد خاقان کي غلط ڪيس ۾ ڦاسايو ويو . پر شاهدخاقان کليل دل جومظاهرو ڪيو جئين ن ليگ ۽ پ پ به سمجهي ورتو آهي يا غلط نالا وٺڻ باوجود مولانا پي ٽي آئي سان گڏ هليو. هي جيڪي آئين جي بالادستي جي ڳاله ڪن ٿا سا مفاد جي بالادستي آهي جڏهن ڦاسن ٿا ته پوءِ اهڙا نعرا هڻن ٿا. جئين نوازشريف ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هنيو ۽ پوءِ جيڪو ڪجه ٿيو سڀني اڳيان آهي.حقيقي جمهوريت لاءِ سڀني سياسي ڌرين ۾ هڪ نئين چارٽر آف ڊيموڪريسي جي ضرورت آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 18 جنوري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.