آمريڪا ڪلچر سبب سپر پاور آهي، فخر سان چئون ٿا ته سنڌو تهذيب جا وارث آهيون: بلاول

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي ۾ ميڊيا يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي ان سلسلي ۾سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هڪ فارمولو اختيار ڪرڻ گهرجي، سنڌ اسيمبلي پاڪستان ٺاهڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو هو، اسان پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت کي استعمال ڪندي ترقي واري سفر ڏانھن وٺي وڃي سگھون ٿا. ھن اها ڳالهه گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ملڪ جي پهرين آئين ساز اسيمبلي قائم ڪرڻ بابت منعقد ٿيل افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي . هن چيو ته اڄ اسين هڪ تاريخي جاءِ تي موجود آهيون، قومون اتحاد تحت ئي جڙنديون آهن، سياست ۽ ثقافت قومن جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، اسان جي تاريخ ۽ ثقافت تمام گھڻو قديم آهي، اسين فخر سان چئي سگهونٿا ته اسين سنڌو تهذيب جا وارث آهيون، جيڪي ماڻهو هميشه هن علائقي ۾ رهيا آهن انهن تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ڪاميابي جو راز ان تاريخي جدوجهد ۾ سمايل آھي، سنڌ اسيمبليءَ پاڪستان ٺاهڻ جو ٺهراءُ سڀ کان اڳ منظور ڪيو هو، جيڪڏهن اسين پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت کي قبول ڪندي نئين دور سان مقابلو ڪيون ته اسان ترقي ڪنداسين، جيڪڏهن اسين پاڻ ۾ئي وڙهنداسين ته ڇا ٿيندو؟  پوءِ اسان نوجوانن جي اميدن تي پورو نه لهي سگهنداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن آمريڪا هڪ سپر پاور آهي، ته انهن ان جي ڪلچر کي اختيار ڪيو آھي. جيڪڏهن اسان اهو اختيار ڪيون ها ته اڄ پاڪستاني ڊراما ۽ فلمون سڄي دنيا ۾ ڏٺيون وڃن ها. هن چيو ته ڪراچي ۾ ميڊيا يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي ۽ وڏي وزير کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هڪ فارمولو ٺاهڻ گهرجي. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه چيو ته مون کي هن تقريب ۾ هڪ مقرر جي حيثيت سان ڳالهائڻ جو اعزاز حاصل آهي، جنھن جي ايوان ۾قائداعظم تاريخي تقرير ڪئي ھئي ۽  قائداعظم جمهوري پاڪستان جو بنياد رکيو، اسان شهيد بينظير کي وساري نٿا سگهون، جنھن چيو ھو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي؟، بينظير ڀٽو هر پاڪستاني لاءِ ڪم ڪيو ته جيئن ماڻهن کي روزگار ملي ۽ کين کاڌو، ڪپڙا ۽ رهائش ملي سگهي. ھن چيو تھ هڪ اڳواڻ جي سڃاڻپ تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن ملڪ جا ماڻهو مصيبت ۾ هوندا آهن ۽ انهن جا اڳواڻ انهن سان گڏ هوندا آهن. پيپلز پارٽي جي عورت ونگ جي سربراهه فريال ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته هن تقريب کي خطاب ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، مان انتظاميا کي مبارڪباد ڏيان ٿي جنهن هن تقريب جو بندوبست ڪيو آھي، اسان هميشه عورتن جي حوصلا افزائي ڪندا آهيون، شهيد ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو پڻ مقامي صلاحيتن جي حمايت ڪئي.

، اسان هميشه عورتن جي حوصلا افزائي ڪندا آهيون، جڏھن تھ شهيد ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو پڻ مقامي صلاحيتن جي حمايت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.