يو اي اي پاڪستان لاءِ 2 ارب ڊالر رول اوور جي تصديق ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) متحده عرب امارات هڪ سال لاءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ پنهنجي ٻن ڊپوزٽ کي هڪ سال لاءِ رول اوور ڪري ڇڏيو آهي، ڊپازٽ جي قيمت 1-1 ارب رپيا آهي.رپورٽ موجب اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان وڌيڪ هڪ سال لاءِ ڊپازٽ رول ​​اوور ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي، انهن رقمن جو مدو هلندڙ مهيني ختم ٿيڻ وڃي رهيو هو. يو اي اي پاڪستان کي مالي دٻاءُ کان بچائڻ ۽ معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جو موقعو فراهم ڪيو، رقم جي مد ۾ واڌ سان پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن کي برقرار رکڻ ۽ معاشي ترقي ۾ مدد ملندي.ٻئي طرف اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو چوڻ آهي ته يو اي اي پاڪستان لاءِ 2 ارب ڊالرن جي قرض جي مدي ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.اڍائي سالن ۾ پهريون ڀيرو اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 11 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا آهن .

  1. بجلي بابت آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو شرط پورو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران بجلي جي قيمتن جي مقرري لاءِ سالياني ري بيسنگ جي سمري منظور ڪئي وئي، ري بيسنگ لاءِ نيپرا کي سالياني پاليسي جون هدايتون جاري ڪيون وينديون.تفصيل موجب اي سي سي  پهرين جنوري 2025ع کان ٽيرف جي ري بيسنگ لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، پاور ڊويزن پاليسي گائيڊ لائين تي عملدرآمد لاءِ نيپرا حوالي ڪندو.اي سي سي اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت کي 9 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي ٽيڪنيڪل گرانٽ جي منظوري ڏني وئي جيڪا پي اي ايف ۽ پي آءِ اي کي آپريشنل صلاحيت وڌائڻ لاءِ ڏني ويندي. ايف سي نارٿ جي آپريشنل ضرورتن لاءِ 94 ڪروڙ رپيا جڏهن ته گوادر بندر گاهه ذريعي افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ذريعي حاصل ٿيندڙ بئنڪ گارنٽي جي واپسي لاءِ 91 ڪروڙ رپين جي ٽيڪنيڪل گرانٽ جي منظوري ڏني وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.