شھيد فاضل راهو سنڌ جو سگھارو آواز ھو: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي جي سڏ تي شھيد عوام محمد فاضل راھو جي 38ھين ورسي سڄي سنڌ  ۾ ملھائي کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان ڏس ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ رشيد گوپانگ، ڪامريڊ حسين درس، سانول گوپانگ، عبدالرسول ملاح جي اڳواڻي ۾ وفد راھوڪي پھچي شھيد فاضل راھو جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي سلامي پيش ڪئي. ڪراچي ۾  عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ورسي پروگرام ٿيو، جنھن کي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪٽري مظھر راھوجو، منان شيخ، اشفاق چنڙ، فرحان لاڙڪ، ناھيد جوڳي، ڪاشف خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪيو. حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس تي ورسي جو پروگرام ٿيو، جنھن ۾ سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، امداد پنھور،الطاف خاصخيلي، زينت سمون،نظير بليدي، شوڪت  سريوال ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. ميھڙ شھر جي پريس ڪلب ۾ ورسي پروگرام ٿيو، جنھن کي ضلعي صدر ايڊووڪيٽ مير کوسوزل، سومر چانڊيو، جاويد چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. ھوڏانھن ڊگھڙي ۾ شوڪت نوحاڻي، مجيد ٻگھيوش ڪرڙ ريٻاري، انور نوحاڻي، شھدادپور ۾ محمود رخشاڻي، زبير ماڪوڙاڻي، صدام کوسو، ڄام صاحب ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر مير منگي، ابراھيم بگٽي، ڪنڌڪوٽ ۾ فدا مھمداڻي، سجاد بروھي، شعيب ڊومڪي، ارسلا بھلڪاڻي، ٺل ۾ مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن ڪنراڻي، فريد جعفريز وھاب ڪنراڻي، لاڙڪاڻي ۾ سڪندر لاشاري، اسلم سومرو، نصيرآباد ۾ علي اڪبر خاصخيلي، ايڊووڪيٽ عنايت تنيو، ضمير کور، پناھ تنيو، شڪارپور ۾ زاھد گھلو، آغا فھد، امداد سومرو ۽ ٻين ورسي تقريبن کي خطاب ڪيو. ٺٽي ۾ ضلعي صدر ممتاز شيخ، ياسر جاکرو، حبيب الله پليجو، ٽنڊو محمد خان جي شھر مويا ۾ رمضان رند، حنيف باگراڻي، ايڊووڪيٽ آڪاش رند، مٺي ۾ شاھنواز ھنڱورو، زاھد گل اوٺو، سريش ڪمار ۽ ٻين ورسي پروگرام کي خطاب ڪيو. مٽياري ۾ ماجد خاصخيلي، نعيم احمد، ظفر خاصخيلي، مورو ۾ مرڪزي اڳواڻ خان سومرو، ھدايت الله سومرو، غلام نبي لاکو، ڪوٽڙي ۾ مرڪزي اڳواڻ شبير ساند، مقصود جھتيال، ذاڪر گرگيز، مبارڪ احمداڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي شھيد عوام محمد فاضل راھو جي 38 ورسي جي موقعي تي زبردست ڀيٽا پيش ڪندي چيو آھي تہ شھيد فاضل راهو سنڌ جو سگھارو آواز ھو سندس جدوجهد جي ڪري ھو تاريخ ۾ سدائين زندھ رھندو. فاضل راهو سنڌ جي انقلابي سياسي آڪاش جو چمڪندڙ ستارو آهي جنهن جي روشني اڄ بہ سنڌ جي مظلوم ماڻهن لاءِ مشعل راھ آهي. شھيد فاضل راهو ھميشہ آمرن ۽ ظلم خلاف تاريخي جدوجهد ڪئي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اڄ سنڌ جنهن تڪليفن ۽ چيلنجن کي منهن ڏئي رهي آهي ان ۾ شھيد فاضل راهو جي ڪمي محسوس ٿي رهي آهي.  شھيد فاضل نيلام بند ڪيو تحريڪ، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو، آبادگارن ۽ ھارين سميت مظلوم طبقي سان ٿيندڙ ظلمن خلاف جدوجھد ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.