اسلام آباد(م ڊ) 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي سزا ملڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ ۽ مخالف ڌر جا اڳواڻ عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي جي گهر پهچي ويا، جتي اپوزيشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو سربراهه محمود خان اچڪزئي، اسد قيصر ، عمر ايوب خان، سلمان اڪرم راجا، علامه ناصر عباس ۽ صاحبزاده حامد رضا به شريڪ هئا، اجلاس ۾ مفتاح اسماعيل ۽ سردار مهتاب عباسي به شرڪت ڪئي، بعد ۾ اڳواڻن شاهد خاقان عباسي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي، ان موقعي تي شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ ۾ آئين جي بالادستي جي ڳالهه سڀني کي ڪرڻ گهرجي، اچڪزئي سڀني کي گڏ ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي، اسان ان تي متفق آهيون ۽ هڪ ٻئي سان صلاح ڪرڻ گهرجي، ڪابه سياسي پارٽي آئين جي بالادستي جي خلاف نه هوندي. اميد آهي ته هر سياسي پارٽي هن سفر ۾ شامل ٿيندي، محمود خان اچڪزئي چيو ته شاهد خاقان عباسي اسان جي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهي. پاڪستان جي سالميت، جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي تي يقين رکندڙن کي گڏ ٿيڻ گهرجي. اسان سڀ هڪ رستو چاهيون ٿا، اسان سڀني کي گڏجي رستو ڏيکاريون، پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته آئين جي بالادستي لاءِ اڄ اسان پلان جوڙيو آهي.
، اڄ پي ٽي آءِ جي باني کي سزا ٻڌائي وئي جيڪا قانون تي داغ آهي، بنانا ريپبلڪ ۾ رهڻ ڏکيو آهي، اسان کي هڪ نقطي ايجنڊا تي گڏ ٿيڻو آهي، عمر ايوب چيو ته عدالتي ڪميشن لاءِ سموريون پارٽيون ويهي ڳالهيون ڪن، حڪومت چيو ته اوهان جا مطالبا مڃينداسين، اسان چئون ٿا ته پي ٽي آءِ باني سان بنا دير ملاقات ڪرايو.